ليکڪ: آمنا مفتي
ڪورونا جي عالمي وبا دوران سڄي دنيا جي شاگردن تي ڇا وهيو واپريو اهو ته وقت سان گڏ معلوم ٿي ئي ويندو پر ڇو ته اسان پاڪستاني هر صورتحال ۾ بدترين مثال بڻجي سامهون اچڻ پنهنجو فرض سمجهون ٿا، ان ڪري ان معاملي ۾ به اسان سڀ پنهنجي پوري ڌيان سان مصروف آهيون، گذريل سال مارچ ۾ جڏهن تعليمي ادارا بند ڪيا ويا ته سمورن امتحانن کي ملتوي نه پر رد ڪيو ويو، جن شاگردن کي يونيورسٽي لاءِ اپلاءِ ڪرڻو هو انهن کي ايتري ڇوٽ ڏني وئي ته جيڪڏهن اهي چاهين ته ايندڙ ڀيري ٿيندڙ امتحان ڏئي سگهن ٿا، باقي شاگردن کي سندن اڳوڻي رڪارڊ تي اڳين درجن ۾ موڪليو ويو، اهڙي طريقي ۾ بيشمار گهپلا ٿيا ۽ ڪئمبرج جهڙن ادارن تي به آڱريون کڄي ويون، اڳ موڪليل نتيجا تبديل ڪيا ويا، پر شاگردن جو اعتبار اداري تان کڄي ويو، نجي اسڪولن جي خودغرضي ۽ فيس خوري کلي سامهون ائي، هن وقت ثابت ٿيو ته اهي ادارا نه رڳو عمارتون هيون جتي تعليم وڪرو ڪئي ويندي هئي، آن لائن تعليم کان اڻواقف استادن ۽ شاگردن اهو سال ڪيئن گذاريو، بس نه پڇو، هڪ استاد جي حيثيت سان مون کي تڪليف جو به اندازو آهي ۽ هڪ ماءُ جي حيثيت سان مون پهنجي ٻارن کي آن لائن تعليم واري ڏکي حالت کي منهن ڏيندي به ڏٺو آهي. هڪ طرف ڪورونا جو گراف ۽ ٻئي طرف نجي تعليمي ادارن جو دٻاءُ ته ڪير مري يا بچي اسڪول ۽ ڪاليج کوليا وڃن ته جيئن گلشن جو ڪاروبار هلي سگهي، آن لائن ڪلاسن جي ان دور ۾ اهي نجي تعليمي ادارا فيس اوڳاڙڻ تي پير کوڙي بيٺل هئا، شاگردن جي مسئلن ۾ سندن دلچسپي جو سمورن والدين کي بخوبي ادراڪ ٿي چڪو آهي، ان دوران ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ سميت ٻين پيشيواراڻن تعليمي ادارن جي داخلا ۽ امتحان به ٿيا، ميڊيڪل جي داخلا امتحانن ۾ دل کولي ڌانڌلي ڪئي وئي، ڪڏهن امتحان ملتوي ڪيا ويا ڪڏهن ڪورس تبديل ڪيو ويو ۽ جڏهن امتحاني پيپر آيو ته ڪيترائي سوال سئليبس کان ئي ٻاهر هئا. شاگردن احتجاج ڪيا، معاملا عدالتن تائين ويا، مظاهرا ٿيا، ٻار ته آخر ٻار ئي هوندا آهن، نيٺ ٿڪجي محاذ ڇڏي ويا ۽ جهڙن تهڙن نتيجن تي داخلائون جاري آهن. نومبر جي آخري ڏهاڪي ۾ بند ڪيل اسڪول 2 فيبروري کان ٻيهر کلي ويا آهن، ان دوران ڪجهه اسڪولن ۾ امتحان به ورتا ويا، آن لائن پڙهندڙ ٻارڙن خاموشي سان امتحان ڏنا ۽ نتيجن کي به ساڳي خاموشيءَ سان تسليم ڪيو ويندو، پر هتي اسان ڏٺو ته هڪ نجي اداري جي شاگردن اهو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڇو ته ڪيتريون ئي يونيورسٽيون آن لائن امتحان وٺي رهيون آهن ۽ پوءِ ٿيو ائين ته احتجاج ڪندڙ انهن شاگردن تي لاٺي چارج ٿي، ڪريڪ ڊائون ٿيو، گرفتاريون ٿيون ۽ اسان سڀ بيحسي سان ڏسندا رهياسين، ڇو ته اسان سڀني جو اهو ئي خيال آهي ته ڇوڪرن ته ڪيو هوندو؟ ڇوڪرن وڌ ۾ وڌ ڇا ڪيو هوندو؟ نعريبازي، جلسو، جلوس؟ ڇوڪرن گهٽ ۾ گهٽ اهو ته نه ڪيو هوندو جيڪو اڄ جا اڪثر ادارن ج امالڪ پنهنجي شاگردي جي دور ۾ ڪندا رهندا هئا، آن ڪلاسز وٺندڙ شاگرد جيڪڏهن آن لائن امتحانن جو مطالبو ڪري رهيا هئا ته ڇا ان تي پوليس گهرائڻ گهرجي ها؟ 500 جي لڳ ڀڳ شاگردن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، 5 شاگرد ليڊرن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن خلاف جيڪي قلم لڳايا ويا آهن، انهن کي پڙهي ئي اندازو ٿي وڃي ٿو ته معاملو نيٺ آهي ڇا؟ هن وقت 82 شاگرد گرفتار ڪيا ويا، جن کي مبينا طور تي پوءِ آزاد ڪيو ويو، باقي 5 شاگردن جو جسماني رمانڊ ورتو ويو ۽ سڄو ملڪ اهڙو خاموش آهي ڄڻ هي ڪنهن ٻئي جا ٻار آهن! پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، ڪيترائي ٻار ته اسڪول جي صورت به نٿا ڏسي سگهن پر جيڪي خوشنصيب اتان ٿيندا يونيورسٽي جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پهچي وڃن ٿا اهي ڪي غنڊا يا موالي نه پر اسان جو مستقبل آهن، انهن نوجوانن کي پهريان اسان ميڪاولي جي ٺاهيل نظام جي حوالي ڪري رکيو ۽ ٻين کي درس نظامي جي حوالي ڪيو، ٻنهي نظامن کي سنوارڻ ۽ انهن جي اصلاح ڪرڻ بدران سيٺين کي ڌڙاڌڙ تعليمي ادارا کولڻ جي اجازت ڏني وئي، مون کي انهن نام نهاد يونيورسٽين جي ماحول کي انتهائي ويجهو کان ڏسڻ جو موقعو مليو آهي، اهڙو ڪو به سال نٿو گذري جو ڪنهن اداري ۾ به ڪو شاگرد خودڪشي نه ڪندو هجي، بيشمار شاگرد ذهني دٻاءَ جو شڪار آهن، بيحس معاشري ڪڏهن سندن ذهني، جسماني ۽ ٻين مسئلن تي غور ئي نه ڪيو آهي، هي ٻار رڍن ۽ ٻڪرين وانگر انهن يونيورسٽين ۾ چاريا پيا وڃن، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو کين پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري وڃي ٿو ته ڏوهي ڇا هي ٻار آهن؟ انهن شاگردن تي سياست ڪندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجو پڇ سڌو ڪرڻ لاءِ اسان جي مستقبل سان راند ڪري رهيا آهن، سڀني کي سڀ ڪجهه ياد آهي، تفصيل ۾ وڃڻ بيڪار آهي، نجي تعليمي نظام هڪ مافيا جي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي، پوليس جون ڦڙتيون ماءُ ۽ پيءُ جي بيوسي اڄ سڀ کان خاموش آهن ۽ سڀاڻي به سڀ خاموش رهندا، هڪ کان پوءِ هڪ ايسٽ انڊيا ڪمپنيون حاڪم بڻجندي رهندي ۽ اسان خاموشي سان آڱريون ڪٽائيندا رهنداسين، شفقت محمود صاحب ٻارن جو تعليم وارو وزير آهي، هن وقت کيس نه صرف انهن مسئلن تي نظر رکڻ گهرجي پر نجي تعليمي ادارن جي دٻاءَ کي رد ڪندي هن ملڪ جي مستقبل کي محفوظ ڪرڻ گهرجي. هن نسل کي سواءِ دهشتگردي ۽ پوئين نسل جي خراب روين کانسواءِ ڪجهه نه مليو آهي، اڄ انهن جي هڪ بي ضرر مطالبي تي کين گرفتار ڪري انهن جا جسماني رمانڊ ڏنا ويندا ته سڀاڻي انهن مان ڪهڙي توقع يا اميد ڪري سگهجي ٿي؟ هي لوهه جا هٿ جنهن سان انهن معصوم ٻارڙن جي مطالبن کي ڪچليو پيو وڃي سنڀالي رکجو، جتي ان لوهي هٿ جي ضرورت آهي اتي شفقت جو هٿ ڦيرڻ بدران ان کي استعمال ڪجو، شاگردن جي مسئلن جو حل تلاش ڪجو، سندن جسماني رمانڊ نه گهرو، ڇو ته هي پٽ به هٽن نٿا وڪامجن.