204

خيرپور ۾ وڌندڙ پوليس گردي کي روڪڻ جي ضرورت….

ايڊيٽوريل

کجين جي ديس طور مشهور خيرپور نه صرف علم ۽ ادب جي  ڌرتي آهي، پر اهو ضلعو سچل سرمست،  روضي ڌڻي، خوش خير محمد فقير، نانڪ يوسف، مينگهو فقير جهڙن صوفي شاعرن ۽ دستگير جي گاديءَ سان تعلق رکندڙ روحاني بزرگن جو ضلعو به سڏيو ويندو آهي، پر بدقسمتي سان گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هي ضلعو پوليس گردي جي طور تي پنهنجي نئين سڃاڻپ طور به مشهور ٿيڻ لڳو آهي، ڪو به اهڙو ڏينهن خالي نه آهي جو هن ضلعي مان پوليس جي ڪنهن نه ڪنهن ظلم جو داستان اخبارن جي سڃاڻپ نه بڻيو هجي، خاص ڪري موجوده ايس ايس پي امير سعود مگسي جي اچڻ کانپوءِ لڳي ائين ٿو ته هن ضلعي جي ڪمانڊ ڪمزور ٿي وئي آهي جو هاڻ ته سرعام اهلڪار پورهيتن کي پڪڙي ٿاڻي اندر ماري وري به آزاديءَ سان گهمي رهيا آهن، نه صرف ايترو پر گذريل ٻن مهينن کان لڳاتار هن ضلعي ۾ جتي قتلن ۽ بي رحمين جا ٻيا واقعا وڌيا آهن اتي پوليس گردي به ٽاپ ٽرينڊ ۾ شامل آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ خيرپور شهر اندر پوليس هڪ بوٽ پالش ڪندڙ نوجوان پورهيت سرفراز کوکر کي سرعام کنڀي ٿاڻي اندر بيرحمي سان تشدد بعد مڻڪو ڀڃي قتل ڪيو ۽ سندس لاش گهر آڏو اڇلائي فرار ٿي ويا، واقعو ميڊيا تي آيو، ايس ايس پي روايتي نوٽيس وٺندي ملوث اهلڪار معطل ڪري نوشيروان چانڊيو کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو، پر ڏيڍ ٻن مهينن جو عرصو گذرڻ باوجود نه جاچ ٿي ۽ نه ئي وري قاتلن جو وار ونگو ٿيو، ڇو ته اهي ايس ايس پي جا پٽي ڀائي آهن، ان کانپوءِ مونيڪا لاڙڪ سان ڏاڍائي بعد قتل جو واقعو پيش آيو، پوليس گرفتاريون ڪيون، هڪ جوابدار جي ڊي اين اي ميچ ٿي، جڏهن ته ٻه ٻيا منصور ۽ سليم شر ملوث ڄاڻايا ويا، اهي گرفتار به ٿيا ۽ گذريل 22 ڏينهن کان پوليس نه ته انهن کي ظاهر ڪيو آهي ۽ نه ئي وري ڪيس ۾ ڪا وڌيڪ اڳڀرائي ٿي آهي، ان کانپوءِ ساڳي ئي پيرڳوٺ ۾ ڳڀرو گهوٽ جي قتل جو واقعو پيش آيو ۽ گذريل ڏينهن وري احمدپور ڀرسان هڪ ڳورهاري عورت تي تشدد ڪيو ويو، وارث کيس رڪشا ۾ احمدپور ٿاڻي تي کڻي آيا  علاج لاءِ ليٽر گهريو جنهن تي ايس ايس پي صاحب جي دادلي پوليس وارثن کي رشوت نه ڏيڻ تي ليٽر به جاري نه ڪيو، ڄاڻاي عورت ٻه ڪلاڪ ٿاڻي تي تڙپندي رهي پر اهلڪارن انصاف ڏيڻ بدران سندس مڙس کي به رشوت نه ڏيڻ تي لاڪ اپ حوالي ڪيو، ڀلو ٿئي صحافين جو جن جي پهچڻ بعد اهلڪارن عورت تي احسان ڪري علاج لاءِ ليٽر ڏنو، جنهن کي وارثن پيرڳوٺ جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو آهي، خيرپور اندر پوليس جي ڪارڪردگي هاڻ ان حد تائين پهتي آهي ته جيڪڏهن ڪو زخمي ٿي اچي ته ان کي ليٽر لاءِ به رشوت ڏيڻي پوي، جڏهن ته پوري ضلعي اندر ٿاڻن تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جا پڻ اگهه مقرر ٿيل آهن، جنهن جون روز شڪايتون اچن ٿيون، اسان سمجهون ٿا ته پوليس اهڙو کاتو آهي جنهن جو سڌو سنئون واسطو عام ماڻهن سان پوي ٿو، جيڪڏهن ان کاتي جي اندر اهڙي صورتحال هوندي ته يقينن ماڻهن جو قانون ۽ ان جي رکوالن تي اعتماد باقي وڃي رهندو، اسان سنڌ جي گهرو وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کان اها گهر ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون ته خيرپور اندر پوليس گرديءَ جي اهڙن اذيتناڪ واقعن جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ ذڪر ڪيل واقعن سميت ٽنڊي مستي لڳ قتل ڪيل پيرل لانگاهه جي واقعي ۾ ملوث اهلڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ پوليس اندر به سزا ۽ جزا جي تصور کي جياريو وڃي جيئن عام ماڻهو کي اهو احساس ٿئي ته سندن به ڪو حال ڀائي آهي، گڏوگڏ اهڙا سخت قدم کنيا وڃن، جنهن سان ان قسم جي واقعن جو وري ورجاءُ نه ٿئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو