147

فارن فنڊنگ ڪيس ۽ پي ٽي آءِ جا يوٽرن….

ليکڪ: شهزاد ملڪ

پاڪستان ۾ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس جي معاملي ۾ تازو ئي وزيراعظم عمران خان طرفان اوپن ڪورٽ ڪارروائي واري بيان جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي، تحريڪ انصاف عمران خان جي ان بيان جي نفي ڪندي چيو آهي ته ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن اڳ ئي وضاحتي بيان جاري ڪري چڪي آهي ته غير ملڪي فنڊن جي معاملي جي تحقيقات لاءِ اسڪروٽني ڪاميٽي جي ڪارروائي ان ڪئميرا ٿيندي، تحريڪ انصاف طرفان اهو جواب فارن فنڊنگ ڪيس ۾ پارٽي جي وڪيل شاهه خاور طرفان اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايو ويو آهي، هن بي بي سي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته درخواستگذار اڪبر ايس بابر طرفان اسڪروٽني ڪاميٽي ۾ هڪ درخواست ڏني وئي هئي، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان جي ڏکڻ وزيرستان ۾ تازي خطاب کي بنياد بڻايو ويو هو، ان بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو هو ته سندس جماعت کي پرڏيهي ملڪن مان جيترا به فنڊ مليا آهن ان جون شاهديون پارٽي وٽ موجود آهن، ان ڪري هو ان اسڪروٽني ڪاميٽي جي ڪارروائي کي اوپن ڪرڻ لاءِ تيار آهن، هن چيو ته ان درخواست جي حوالي سان جيڪو جمع ڪرايو ويو آهي ان ۾ چيو ويو آهي ته ڇو ته اليڪشن ڪميشن 21 جنوري تي هڪ وضاحتي بيان جاري ڪري چڪي آهي ته اسڪروٽني ڪاميٽي جي ڪارروائي ان ڪئميرا ئي ٿيندي، ان ڪري اسڪروٽني ڪاميٽي ان معاملي ۾ پنهنجون سفارشون اليڪشن ڪميشن جي عملدارن کي موڪليندي ته انهن سفارشن جي روشني ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ ٿيندڙ ڪارروائي اوپن ڪورٽ ۾ ئي ٿيندي، شاهه خاور جو چوڻ هو ته جڏهن اليڪشن ڪميشن اڳ ئي ان ڳالهه تي فيصلو ڏئي چڪي آهي ته پوءِ اسڪروٽني ڪاميٽي جي ڪارروائي کي ڪيئن پبلڪ ڪري سگهجي ٿو؟هن چيو ته کيس خبر نه آهي ته وزيراعظم ان حوالي سان ڪهڙو بيان ڏنو آهي، پر هن ته اليڪشن ڪميشن جي وضاحتي بيان کي ئي اڪبر ايس بابر جي درخواست ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ بنياد بڻايو  آهي، ان درخواست ۾ اڪبر ايس بابر وزيراعظم جي ان بيان کي ته ان وٽ غير ملڪي فنڊن جون سموريون شاهديون موجود آهن کي بنياد بڻائيندي اهو مطالبو به ڪيو آهي ته 40 هزار ڊونرز جي نالن جي لسٽ ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن 23 بئنڪ اڪائونٽن جا تفصيل به فراهم ڪري جن ۾ پي ٽي آءِ لاءِ غيرملڪي فنڊ آيا آهن. شاهه خاور جو چوڻ هو ته ان معاملي بابت آئون پنهنجي جواب ۾ اسڪروٽني ڪاميٽي کي چيو آهي ته اها ان باري ۾ پاڻ فيصلو ڪري چڪي آهي ۽ اها جنهن دستاويز کي مناسب سمجهندي ان جا تفصيل مخالف ڌر کي ڏنا ويندا، هن چيو ته اڪبر ايس بابر ان حوالي سان وزيراعظم جي بيان کي غلط پيرائي ۾ ورتو آهي ته هو پارٽي جي چيئرمين جي حيثيت سان سمورا دستاويز شيئر ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته ان کان اڳ به اسڪروٽني ڪاميٽي اڪبر ايس بابر جي پي ٽي آءِ جا دستاويز ڏيڻ جون ڪتيريون ئي درخواستون رد ڪري چڪي آهي، اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد جو چوڻ آهي ته شايد وزيراعظم کي اسڪروٽني ڪاميٽي ۾ ٿيندڙ ڪارروائي بابت گهڻي ڄاڻ ناهي يا کيس ان بابت ڪجهه به ناهي ٻڌايو ويو، هن چيو ته اسڪروٽني ڪاميٽي جي حيثيت ڪنهن به معاملي ۾ تحقيقات لاءِ ٺاهيل گڏيل جاچ ٽيم يعني جي آءِ ٽي واري هوندي آهي، جهڙي طرح جي آءِ ٽي ۾ ٿيندڙ ڪارروائي کي پبلڪ نٿو ڪري سگهجي، اهڙي طرح اسڪروٽني ڪاميٽي جي ڪارروائي کي به عام نٿو ڪري سگهجي، ڪنور دلشاد جو چوڻ اهي ته جهڙي طرح جاچ کانپوءِ معاملو عدالت ۾ وڃي ٿو ۽ اتي ڪارروائي اوپن ٿي وڃي ٿي اهڙي طرح اسڪروٽني ڪاميٽي جڏهن پنهنجون سفارشون اليڪشن ڪميشن کي ڏيندي ته اليڪشن ڪميشن جي فل بينچ جي ڪارروائي کليل  عدالت ۾ ٿيندي، واضح رهي ته وزيراعظم گذريل ڪجهه هفتن دوران اها دعويٰ ڪندو رهيو آهي ته سندس پارٽي وٽ پرڏيهي فنڊنگ جون سموريون شاهديون موجود آهن، جڏهن ته مخالف ڌر جي ٽن وڏين پارٽين مسلم ليگ نواز، پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ (ف) جن کي پرڏيهي فنڊنگ ملندي رهندي آهي انهن وٽ شاهديون ئي موجود نه آهن.اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد جو چوڻ آهي ته گهڻي عرصي کان اسڪروٽني ڪاميٽي ان معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي ۽ هاڻ ان ڪاميٽي کي پنهنجي سفارشن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏڻ گهرجي، ڇو ته ان معاملي ۾ دير سبب اليڪشن ڪميشن جي غيرجانبداري تي آڱريون کنيو پيون وڃن، اسڪروٽني ڪاميٽي جو هاڻ ايندڙ اجلاس هفتي اندر ٿيڻ جي اميد آهي، وزيراعظم عمران خان اها دعويٰ ڪئي آهي ته هو اليڪشن ڪميشن ۾ اهو ڪيس کٽي ويندو پر ان دعويٰ جي ابتڙ ماضي ۾ پي ٽي آءِ غير ملڪي فنڊنگ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي کان روڪڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪندي رهي آهي.

فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ڇا آهي؟ پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف منع ڪيل ذريعن وٽان فنڊ حاصل ڪرڻ جو معاملو اليڪشن ڪميشن ۾ ڪنهن سياسي مخالف پارٽي نه پر تحريڪ انصاف جي پنهنجي باني ميمبرن مان هڪ اڪبر ايس بابر 2014ع ۾ سامهون آندو هو، اڪبر ايس بابر الزام هنيو هو ته تحريڪ انصاف پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني سياستدان غير ملڪين وٽان به فنڊ حاصل ڪيا، جنهن جي پاڪستاني قانون اجازت نٿو ڏئي، بي بي سي سان ڳالهائيندي اڪبر ايس بابر جو چوڻ آهي ته مبينا طور تي منع ڪيل ذريعن کان پارٽي کي ملندڙ فنڊن جو معاملو هن 2011ع ۾ پارٽي جي چيئرمين عمران خان آڏو اٿاريو هو ۽ اهو چيو هو ته پارٽي جي هڪ ٻئي ميمبر جسٽس رٽائرڊ وجيهه الدين جي سربراهي ۾ هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي، جيڪا ان معاملي کي ڏسي پر ان تي عمران خان طرفان ڪا به ڪارروائي نه ٿيڻ سبب هو اهو معاملو اليڪشن ڪميشن ۾ کڻي آيو، اڪبر ايس بابر مطابق آمريڪا ۽ برطانيا ۾ جماعت لاءِ اتي رهندڙ پاڪستانين کان چندو گڏ ڪرڻ لاءِ لميٽيڊ لائبليٽيز ڪمپنيون ٺاهيون ويون هيون، جن ۾ ايندڙ فنڊ منع ڪيل ذريعن وٽان حاصل ڪيا ويا، هن الزام هنيو ته آسٽريليا ۽ ٻين ملڪن مان به منع ڪيل ذريعن وٽان پارٽي کي فنڊ مليا ۽ اها رقم پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جي اڪائونٽن ۾ منتقل ڪئي وئي، جڏهن ته وچ اوڀر جي ملڪن مان به هنڊي ذريعي پارٽي جي فنڊن ۾ رقم موڪلي وئي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ ان درخواست کي کڻي وڃڻ جو مقصد ڪنهن پارٽي تي پابندي لڳرائڻ نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن جو پٽڪو لاهڻ آهي، هن چيو ته منع ڪيل ذريعن وٽان حاصل ٿيندڙ فنڊن سان ملڪي سلامتي تي سوديبازي ٿئي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو