160

دوست کان مجبوري ۾ پئسا ورتا ته هن زيادتي جي ڪوشش ڪئي: راکي ساونت جو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي تڪراري شخصيت راکي ساونت بگ باس 14 جي تازي قسط ۾ پنهنجي پريشان ڪندڙ زندگي سميت ماضي ۾ دوست پاران جنسي استحصال جو به انڪشاف ڪيو آهي. راکي ساونت بگ باس ۾ پنهنجي شامل حريف راهول واديا سان ڳالهائڻ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن منهنجي امڙ پهريون دورو پوڻ سبب اسپتال ۾ داخل هئي ته مون کي پئسن جي سخت ضرورت هئي، جنهن تي مون دوست کان پئسن لاءِ مدد طلب ڪئي ته ان مون سان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. راکي جو چوڻ هو ته هو مون کي ان شرط تي پئسا ڏيڻ لاءِ راضي ٿيو ته مان کيس پئسا واپس ڏينديس، مان خوش هئس ۽ سوچي رهي هئس ته هو هڪ سٺو انسان آهي. اداڪاره انڪشاف ڪيو ته ٻئي ڏينهن هن مون سان ملڻ جو چيو ۽ جڏهن مان ساڻس ملڻ ويس ته هن مون کي ڪار ۾ بند ڪيو ۽ چيو ته راکي هن دنيا ۾ مفت کاڌي جيان ڪجهه به ناهي، مان توکي پئسا ڏيندس ته تون مون کي ڇا ڏيندينءَ ؟ راکي مطابق هن دوست کي چيو ته هوءَ کيس ڪجهه نٿي ڏئي سگهي، پر ان باوجود هن مون سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي ۽ منهنجي رڙين ۽ منع ڪرڻ تي هن مون کي گاڏي کان هيٺ ڦٽو ڪري ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو