199

عُمر کي پيرن هيٺيان رکان ٿي، آنٽي سڏجڻ تي خراب محسوس ناهي ٿيندو: ارميلا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره ارميلا هلندڙ مهيني زندگي جون 47 بهارون ڏسي ورتيون آهن، پر اداڪاره عمر جي وڌندڙ انگ کي ڏسي بلڪل فڪرمند نظر نه پئي اچي. رپورٽن مطابق اداڪاره ارميلا جو چوڻ آهي ته مان عمر کي پيرن هيٺيان رکان ٿي، ڪجهه ماڻهو مون کي آنٽي سڏي تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر مان انهن سڀني کي هٿ جوڙي سمجهائڻ چاهيان ٿي ته جيڪڏهن هو مون کي آنٽي خراب محسوس ڪرائڻ لاءِ چون ٿا ته اهي غلط آهن، آنٽي سڏجڻ تي خراب محسوس ناهي ٿيندو. ارميلا چيو ته هر اهو سال جيڪو اوهان جي زندگي ۾ شامل ٿيندو آهي اهو زندگي کي وڌيڪ شاندار ٺاهيندو آهي. هن چيو ته زندگي ۾ جيڪو ڪجهه هن وقت منهنجي سامهون آهي ان مان وڌيڪ کان وڌيڪ فائدو وٺڻ ۾ مصروف آهيان.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو