194

مولانا سمجهدار ٿيو، ٻارڙن جي گهيري مان نڪرو، مخالف ڌر قانون هٿ ۾ کنيو ته اهڙو سلوڪ ڪندس جو تاريخ ياد رکندي، مدرسن کي سياست ۾ استعمال ٿيڻ نه ڏبو: شيخ رشيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد مخالف ڌر کي خبردار ڪندي چيو آهي ته پي ڊي ايم احتجاج ڪندي ڪا رڪاوٽ نه وڌي ويندي، پر قانون هٿ ۾ کنيو ته اهو سلوڪ ڪندس جو تاريخ ياد رکندي. راولپنڊي ۾ ڪشمير يڪجهتي ريلي کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ڪشمير جي آزادي لاءِ هر وقت تيار آهيون، عمران خان جي پوري جدوجهد ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ آهي. هن مخالف ڌر کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته مون چيو هو ته هي سينيٽ چونڊ وڙهندا ۽ استعيفائون نه ڏيندا، جن اسيمبلي ميمبرن تي فضل الرحمان لعنت اماڻي، انهن کان ئي سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ گهريا ويندا. شيخ رشيد مخالف ڌر کي خبردار ڪندي چيو آهي ته پي ڊي ايم احتجاج ڪندي ڪا رڪاوٽ نه وڌي ويندي، پر قانون هٿ ۾ کنيو ته اهو سلوڪ ڪندس جو تاريخ ياد رکندي، قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته يوٽرن جو طعنو ڏيندڙ ابائوٽ ٽرن ورتو آهي، پي ڊي ايم شوق سان لانگ مارچ لاءِ اچي، مدرسن جي ٻارڙن کي سياست ۾ استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته فضل الرحمان سمجهدار ٿيو، ٻارڙن جي گهيري ۾ اچي ويا آهيو، اڄ مريم نواز کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ملي وڃي ته پي ڊي ايم ختم ٿي ويندي، مخالف ڌر 4 مهينن کان قوم جو وقت ضايع ڪري رهي آهي، نيٺ کين ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته هي چون پيا ته پي ڊي ايم گڏجي چونڊ وڙهندي، سڄي زندگي ن ليگ پيپلز پارٽي خلاف ووٽ ڏنا آهن، پيپلز پارٽي ۽ فضل الرحمان پنهنجو رستو بند گهٽي کان  کلي گهٽي ۾ کڻي آيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو