اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄ جي ڏينهن پاڪستان جي عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ان وچن کي ورجايون ٿا ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي پنهنجي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، ڀارتي ظلم، فوج ڪشي ۽ ڏاڍ جي خلاف جدوجهد ۾اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهيون ۽ گڏ رهنداسين. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار هندستان جي ورڇ جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي پر ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن 5 فيبروري جي ڏينهن جي اهميت اڃا وڌائي ڇڏي آهي، معصوم ۽ مظلوم ڪشميري عوام گذريل 7 ڏهاڪن کان ڀارتي غيرانساني سلوڪ جو شڪار هئا پر گذريل 18 مهينن دوران لاڳيتو فوجي گهيراءُ، مواصلاتي پابندين، ميڊيا بليڪ آئوٽ ۽ بدترين پابندين جو انهن جهڙي طرح منهن ڏنو آهي، ان جو دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته ڀارت سڄي دنيا ۾ ظلم ۽ ڏاڍ واري سامراجي رياست طور سڃاتو پيو وڃي جنهن نه رڳو ڪشميرين جا بنيادي حق غصب ڪري رکيا آهن پر پنهنجي ملڪ ۾ اقليتن جو جيئڻ به حرام ڪري رکيو آهي خاص طور تي مسلمانن کي امتيازي سلوڪ ۽ ظلم جو نشانو بڻايو پيو وڃي، انهن جي جان ۽ مال، ڪاروبار، سماجي ۽ معاشي حقن، مقدس مذهبي جاين ۽ تاريخي عمارتن جو ڪو احترام ئي نه آهي ۽ نه ئي ڪو تحفظ آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام گذريل 7 ڏهاڪن کان پنهنجي جائز جمهوري ۽ بنيادي خودمختياري واري حق جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، عالمي برادري کي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ انسانيت سوز ظلمن کي روڪڻو پوندو، مهذب دنيا ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي قراردادن جي روشني ۾ انهن جو جائز حق ڏيارڻ ۾ پنهنجو منصفاڻو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم عمران خان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي ۽هن هر عالمي فورم تي مظلومن جي حق ۾ آواز بلند ڪيو آهي. پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
184