اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪشمير تڪرار حل ڪرڻ کانسواءِ پاڪ ڀارت لاڳاپا بهتر نه ٿا ٿي سگهن ۽ نه ئي خطي ۾ پائيدار امن قائم ٿي سگهي ٿو، عالمي برادري ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي ۽ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوششن کان روڪي، ڪشمير رڳو علائقي ۽ آبادي جو نه هاڻي اصولن جو معاملو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مظفرآباد ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، والاريل ڪشمير جي عوام گذريل 70 سالن کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مسلسل قربانيون ڏئي رهي آهي، ڪشمير معاملي تي پاڪستان جي سياسي قيادت سدائين يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان جي رياست جي موقف سان ڪشمير جي عوام جون اميدون واڳيل آهن، پاڪستان ڪشميرين سان گڏوگڏ ڀارت ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ ظلمن جي خلاف آواز اٿاريو آهي. هن چيو ته هندستان جي ورڇ جي وقت ڪشمير جي معاملي تي ڊوگرا راڄ سازش ڪئي ۽ ڪشمير کي ڀارت جي حوالي ڪري ڇڏيو. ڀارت جنگبندي جي لاءِ پاڻ گڏيل قومن وٽ ويو، ان وقت گڏيل قومن کان وڏيون اميدون واڳيل هيون پر بعد ۾ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد کان مسلسل انڪار ڪيو. گڏيل قومن ڪشميرين کي ان جو خودمختياري وارو حق ڏيارڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي قراردادون پيش ڪيون آهن. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جو ڀارتي منصوبو خطرناڪ آهي، ڀارت 33 لک غيرڪشميرين کي ڊوميسائيل جاري ڪيا آهن، جنهن جو مقصد آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انٽرنيٽ تي پابندي لڳائي پنهنجي ظلم کي لڪائي نه ٿو سگهي. 2018ع جي گڏيل قومن جي رپورٽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي ظلمن جي نشاندهي ڪئي آهي. گڏيل قومن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ڏوهن کان چڱي ريت آگاهه آهي. هن چيو ته ڀارت جي ڪڌي قدمن کي عالمي سطح تي بي نقاب ڪندا رهنداسين. مودي پاران چونڊون کٽڻ لاءِ پلواما حملي جو خطرناڪ ڊرامو رچايو جنهن جو پاڪستاني فوج منهن ٽوڙ جواب ڏنو، ڀارت غيرذميوار ائٽمي ملڪ آهي، پاڪستان سدائين امن کي هڪ موقعو ڏنو آهي پر افسوس آهي ته ڀارت معاملن کي بگاڙ طرف وٺي وڃي رهيو آهي. عارف علوي چيو ته ڪشمير تڪرار حل ڪرڻ کانسواءِ پاڪ ڀارت لاڳاپا بهتر نه ٿا ٿي سگهن. هن چيو ته پاڪستان ڪشمير تڪرار تي پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي، ڪشمير تڪرار جو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ئي آهي. ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد، اخلاقي، سياسي ي واري حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد، اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايون ٿا. گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري جي تازن بيانن جي آجيان ڪندي صدر چيو ته دنيا وڏي عرصي کان حل طلب ان تڪرار کان منهن نه ٿي موڙي سگهي. صدر چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) سميت عالمي فورمن تي ڀارت جي ڪڌي قدمن کي اجاگر ڪندو رهندو. صدر چيو ته ڀارت پنهنجا ڏوهه لڪائڻ جي لاءِ والاريل علائقي ۾ مواصلات ۽ انٽرنيٽ تي پابندي لڳائي آهي. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ پيلٽ گنز جي استعمال جي مذمت ڪئي. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ پيلٽ گنز سان ڪيترائي بزرگ، نوجوان ۽ ٻار اکين جي نور کان محروم ٿي چڪا آهن. سڄي دنيا ۾ ڪٿي به پيلٽ گنز استعمال نه ٿي ڪئي وڃي. هن چيو ته 80 لک واري آبادي جي علائقي ۾ ڀارت 9 لک فوج مقرر ڪري ۽ تڪراري قانونسازي ڪري آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جڏهن ته هن چيو ته انهن سڀني حربن جي باوجود ڪشميري عوام ظالماڻي هندستاني چنبي مان آزادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جدوجهد تي قائم آهي. صدر چيو ته هندستان زميني صورتحال کي ڏسڻ جي لاءِ عالمي ميڊيا کي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪرڻ جي اجازت ڏي. ان کانسواءِ گڏيل قومن جي ڪشمير بابت انساني حقن جي ڪميشن جي رپورٽ جي روشني ۾ به ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گذريل 73 سالن دوران ڀلي ڪنهن جي به حڪومت هجي اسان جو ڪشمير بابت موقف هڪ رهيو آهي. هن چيو ته ڪشمير صرف زمين جو نه پر اصولن جو معاملو آهي، ان موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر پڻ اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪيو.
151