مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ اوپن بيلٽ جي حمايت لاءِ عمران خان جي وڏن جا فون اچي رهيا آهن پر اسان انڪار ڪري ڇڏيو. مظفر آباد ۾ پي ڊي ايم جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز جو چوڻ هو ته ڪشمير سانحي سان گڏ عمران خان جو نالو اچي ٿو، راجا فاروق حيدر چوي ٿو ته عمران خان جو نالو نه وٺو، ڪوٽلي ۾ اڄ عمران خان اچي رهيو آهي، اڄ هو ڪشميرين لاءِ ڪهڙو پيغام کڻي اچي رهيو آهي؟ هن چيو ته وزيراعظم کي ڊپ وٺي رهيو آهي ته ماڻهو کيس ڳچيءَ مان پڪڙيندا، هڪ ته ويچارو هو ڪنهن جلسي ۾ وڃڻ جي قابل به ناهي رهيو ته ڪشمير ڪهڙي منهن سان ايندو؟ مريم نواز چيو ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر ملڪي مفادن ۽ ڪشمير مسئلي تي پاڪستان هڪ آهي، ڪجهه حقيقتون اهڙيون آهن جنهن جو جواب عمران خان ۽ کيس آڻيندڙن کي ڏيڻو پوندو، ڇو هڪ تابعدار بڻجي پاڪستان جي پرڏيهي ۽ اندروني محاذ کي ڪمزور ڪيو؟ پاڪستان ۾ 4 ڀيرا آمراڻي حڪومت رهي آهي، ڪنهن ڊڪٽيٽر جي دور ۾ به ڀارت کي همت نه ٿي ته ڪشمير پنهنجي نالي ڪري سگهي، عمران خان جواب ڏئي ته ڪشمير هٿ مان وڃڻ کانپوءِ به حڪومت بيوسي جي تصوير ڇو بڻيل رهي؟ ٻن منٽن واري خاموشي اوهان جي مجرماڻي خاموشي آهي، عمران خان ڪشميرين لاءِ آواز اٿارڻ ۾ ناڪام ڇو ٿيو؟ ان جي پرڏيهي پاليسي ڪٿي آهي؟ هن چيو ته ڇو اهڙي شخص کي ملڪ مٿان مڙهيو ويو جيڪو سليڪٽيڊ آهي ۽ عوام کي جمهوري حڪومت کان ڇو محروم ڪيو ويو؟ مودي جي ڪاميابيءَ جون دعائون ڪنهن گهريون هيون؟ عمران خان چيو هو ته مودي ايندو ته ڪشمير مسئلو حل ٿي ويندو، جڏهن ڪشمير کي تنهنجي آواز جي ضرورت هئي ته هتان جي وزيراعظم خلاف غداري جا ڪيس ڪرائي رهيا هئا. مريم نواز چيو ته عمران خان عالمي سطح تي ڪشمير واري مسئلي تي ڇو هڪ به ٺهراءَ منظور ڪرائي نه سگهيو؟ ووٽ چوري سان ايندڙ حڪومت عوام جي جوابده ناهي هوندي، نواز شريف کي وقت ملي وڃي ها ته اڄ ڪشمير پاڪستان جو حصو هجي ها، جڏهن جڏهن ڪشمير سانحي جو نالو ايندو ته عمران خان ڪٽهڙي ۾ بيٺل نظر ايندو. مريم نواز چيو ته عمران خان کان جڏهن اپوزيشن ڪنٽرول ۾ ناهي ايندي ته هو پنهنجن وڏن کي فون ڪري چوندو آهي ته ٿورو مخالف ڌر جي پٺي ته ٺپيو، اڄڪلهه ن ليگ کي عمران خان جي وڏن طرفان فون اچن ٿا ته توهان جي وڏي مهرباني ۽ خدا جو واسطو آهي ته سينيٽ ۾ شو آف هينڊز جي قانونسازي لاءِ عمران خان جو ساٿ ڏيو، ان تي مون ۽ نواز شريف جواب ڏنو ته اسان جون سينيٽ واريون سيٽون وڃن ٿيون ته وڃن، هن ڪوڙي حڪومت سان گڏجي ويهي ڪوبه ڪم ناهي ڪرڻو. مريم نواز چيو ته عمران خان سينيٽ جي چونڊن ۾ ٻين پارٽين جا ووٽ ٽوڙڻ ۾ لڳو پيو هو، سينيٽ چيئرمين اليڪشن ۾ ڌانڌلي کانپوءِ اڄ پنهنجا ميمبر کسڪندي نظر اچي رهيا آهن ته اوهان کي شو آف هينڊ سمجهه ۾ اچي ويو آهي، شو آف هينڊ به ٿيندو ۽ اوپن بيلٽنگ به ٿيندي پر هن جعلي حڪومت جي گهر ڀيڙو ٿيڻ کانپوءِ. هن چيو ته عمران خان ته استيعفائن لاءِ به پئسا گهري رهيو آهي، تنهنجي پنڻ واري عادت ناهي وئي، پر هاڻي عوام کي پئسا ناهن ڏيڻا پر اوهان کان استعيفيٰ وٺڻي آهي، توکي پئسا ڏيڻا پوندا ۽ استعيفيٰ به ڏيڻي پوندي، تو صادق ۽ امين بڻجي کنڊ، اٽي ۽ گئس تي ڌاڙو هنيو، هاڻي استعيفيٰ ڏيو ۽ گهر وڃو.
