142

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 28 مريض فوت، 1286 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 28 مريض فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 1286 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 33319 ڪورونا جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 1286 ماڻهن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي، جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 28 مريض فوت ٿيا. سرڪاري پورٽل مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا مثبت اچڻ واري شرح 3.6 سيڪڙو رهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو