144

ڪراچي ۾ تيز رفتار بس شهرين تي چڙهي وئي، عورت سوڌو 3 ڄڻا چيڀاٽجي فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ملير واري علائقي ۾ تيز رفتار بس شهرين مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سوڌو 3 ڄڻا فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق ملير جي شرافي ٿاڻي جي حد مانسهرا ڪالوني ۾ تيز رفتار مني بس شهرين مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 40 ورهين جي بلقيس زال عارف، 60 ورهين جو عبدالقادر پٽ جان محمد ۽ جان پٽ ابراهيم فوت ٿي ويا، جڏهن ته 42 ورهين جي شبنم ۽ 2 اڻڄاتل زخمي ٿي پيا. اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو