188

ڳڙهي خيرو ۾ جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

ڳڙهي خيرو(ويب ڊيسڪ) ڳڙهي خيرو ۾ جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق ڳڙهي خيرو ڀرسان ميرانپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ صحبت ليڙواڻي ۾ جوابدار غير شادي شده ناري لال بيبي ۽ نوجوان اويس ليڙواڻي کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويو. اطلاع تي حد جي پوليس پهچي ٻئي لاش ڳڙهي خيرو تعلقي اسپتال منتقل ڪيا، جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري لاش سول اسپتال جيڪب آباد نيا ويا. پوليس مطابق واقعو ڪارنهن الزام تحت پيش آيو، جاچ ڪري اصل جوابدارن خلاف سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو