142

لاهور ۾ ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 3 ڄڻا فوت، عورت زخمي

لاهور (ويب ڊيسڪ) جڙانوالا ۾ ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل  وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. رپورٽن مطابق لاهور جي جڙانوالا روڊ تي تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻي ڪڍيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي. اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو