اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته بلدياتي چونڊون قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن کان وڏيون آهن ۽ اهي ڪرائڻ تي 18 ارب رپين جو خرچ ايندو. بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ڪوٺايل اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جو چوڻ هو ته بلدياتي چونڊون، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن کان ڪجهه وڌيڪ وڏيون آهن، پنجاب ۾ بلدياتي تڪن جو انگ 25 هزار ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار آهي، بلدياتي چونڊن لاءِ پنجاب ۾ 20 ڪروڙ ۽ ڪي پي ڪي ۾ 10 ڪروڙ بيلٽ پيپر ڇپرائڻا پوندا، جڏهن ته بلدياتي چونڊن لاءِ بيلٽ پيپرن جو انگ عام چونڊن جي ڀيٽ ۾ چئوڻ تي وڌيڪ هوندو آهي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جو وڌيڪ چوڻ هو ته بلدياتي چونڊون منعقد ڪرائڻ تي 18 ارب رپين جو خرچ ايندو، جڏهن ته پيپرز رولز تحت چونڊ مواد جي خريداري ۾ 3 مهينا لڳي سگهن ٿا. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ پهرين مرحلي ۾ بلدياتي چونڊون 8 اپريل ۽ ٻئين مرحلي ۾ 29 مئي تي ڪرايون وينديون، جڏهن ته پنجاب ۾ 20 جون، 16 جولاءِ ۽ 8 آگسٽ تي چونڊون ڪرايون وينديون، ڪينٽ ۾ 8 اپريل ۽ 29 مئي تي بلدياتي چونڊون ڪرايون وينديون. ان موقعي تي ڪي پي ڪي جي قانون واري وزير جو چوڻ هو ته صوبائي ڪابينا 15 سيپٽمبر تي بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي تجويز ڏني آهي، ڪي پي ڪي ۾ ڪورونا وڌي رهي آهي ۽ اهڙي وقت ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ مناسب ناهي، صوبائي حڪومت بلدياتي قانون ۾ ترميم چاهي ٿي. ان تي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جو چوڻ هو ته بلدياتي قانون ۾ اهڙي ترميم نه ڪئي وڃي جنهن سان اليڪشن ڪميشن جو چونڊ پروگرام متاثر ٿئي. پنجاب واري قانون جي وزير اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پنجاب حڪومت سيپٽمبر ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته حڪومت بلدياتي قانون ۾ تبديلي ڪرائڻ چاهي ٿي، پنجاب ۾ ٽن مرحلن ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ واري تجويز سان اتفاق ڪريون ٿا، ضلعن بدران ڊويزن ۾ مرحليوار چونڊون ڪرايون وڃن. پنجاب جي چيف سيڪريٽري جو چوڻ هو ته بلدياتي چونڊون آگسٽ کان پهرين نه ڪرايون وڃن، جڏهن ته انتظامي معاملا به مڪمل ڪيا وڃن. ڊي جي ملٽري لينڊ تجويز ڏني ته ڪينٽ ۾ چونڊون هڪ ئي مرحلي ۾ ڪرايون وڃن. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري اجلاس ۾ چيو ته مردم شماري جي نتيجن جو اعلان به هن وقت تائين ناهي ڪيو ويو. ان تي مرتضيٰ وهاب چيو ته 1998ع واري مردم شماري جي بنياد تي بلدياتي چونڊون نٿيون ڪرائي سگهجن. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري بلوچستان جو چوڻ هو ته عبوري مردم شماري وارن نتيجن جي بنياد تي حدبندي نٿي ڪري سگهجي، بلوچستان ۾ بلدياتي قانون ۾ اهم ترميمون آڻڻ چاهيون ٿا. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته بلوچستان ۾ حدبندي جو ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، جنهن جي ايندڙ ٻڌڻي 5 اپريل تي آهي. ان موقعي تي جوائنٽ گهرو سيڪريٽري چيو ته عبوري مردم شماري وارن نتيجن جي بنياد تي حدبندي نٿي ڪرائي سگهجي.
