143

وفاقي ڪابينا سينيٽ چونڊ اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا سينيٽ چونڊ اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن مطابق وفاقي ڪابينا مان سينيٽ چونڊ اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ واري منظوري سرڪلر سمري ذريعي ورتي وئي آهي. ذريعن مطابق حڪومت سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ بابت آرڊيننس تيار ڪري ورتو آهي ۽ سينٽ چونڊن بابت آرڊيننس جو مسودو وزيراعظم کي اماڻيو ويو آهي. ذريعن مطابق نئين آرڊيننس جي ڊرافٽنگ اٽارني جنرل خالد محمود خان جي آهي ۽ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو آهي ته سينيٽ چونڊ جو شيڊول 11 فيبروري تي جاري ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو