177

گري لسٽ ۾ ڦاٿل پاڪستان ۽ايف اي ٽي ايف جا اصول…

ليکڪ: راجا مزمل خاصخيلي

وائيٽ، گري ۽ بليڪ لسٽ ملڪ جي حيثيت ۽ عالمي سطح تي ساک بيان ڪنديون آھن ته ڪھڙو ملڪ سٺي ساک رکندڙ ۽ عوام دوست نظام ھلائيندڙ آھي ۽ ڪھڙو ملڪ برائين جي ور چڙھيل آھي ۽ ان ملڪ جو عوام ڪيتري قدر آزار ۾ آھي. ھي لسٽون Financial Action Task Force . نالي ھڪ ادارو ٺاھيندو آھي، جنھن کي شارٽ ۾ايف اي ٽي ايف چيو وڃي ٿو، ھن اداري جي انويسٽيگيشن مطابق جن ملڪن تي ھن کي شڪ يا ثبوتن تحت يقين ھوندو آھي ته ھي دھشتگردي کي يا ته پروموٽ ڪري رھيو آھي يا وري ان خلاف ڪي به قدم نه پيو کڻي ته ان جاچ آڌار ڪنهن به ملڪ کي ڪنهن لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو، هي ادارو جڏهن 1980ع ۾ ٺاهيو ويو هو ان وقت مني لانڊرنگ جا مسئلا تمام گهڻا هئا، خاص ڪري ڊرگ مني، ڪارو ڌن، ڪرپشن ۽ منشيات مان ڪمايل ملڪيت جي تمام گهڻي چرپر ٿيندي هئي، هي ادارو خاص انهن مسئلن جي حل لاءِ 7 ملڪن جرمني، ڪئناڊا، اٽلي، فرانس، جاپانا، يوڪي ۽ يو ايس اي ٺاهيو، جن کي جي-7 به چيو ويندو آهي، هنن ملڪن انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ روڪڻ لاءِ پاڻ ۾ ويهي خاص اصول طئه ڪري حڪمت عملي جوڙي ايف اي ٽي ايف جو بنياد وڌو هو ته جيئن مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن سبب ملڪ جو پئسو ٻاهر نه وڃي سگهي، ان اداري جي پاليسي واضح ٿيڻ بعد ڪيترائي ورهيه ايف اي ٽي ايف صرف ان ايجنڊا تي ڪم ڪندو رهيو، پر جڏهن مذهبي انتهاپسندي وڌي وئي ۽ 2001ع ۾ ۾ نائن اليون جي واقعي کانپوءِ ايف اي ٽي ايف جي ذميوارين ۾ ٽيرر فنانسنگ جو اهم واڌارو به شامل ٿيو، يعني هاڻ ايف اي ٽي ايف جو ڪم رڳو مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن کي منهن نه ڏيڻ هو پر دهشتگردي جي حوالي سان دنيا اندر پئسن جي ڏي وٺ کي نظر ۾ رکڻ ۽ روڪڻ سميت اهڙن عنصرن تي قانوني طور پابنديون مڙهڻ جي ايجنڊا جو ڪم به ان کي ڏنو ويو. ان دوران ايف اي ٽي ايف سان ڪيترائي ملڪ جڙندا ويا ۽ هينئر ان جي ميمبر ملڪن جو تعداد 39 آهي، جيڪي گڏجي ويهي هر سال اسٽينڊرڊ رولز ۽ گائيڊ لائين جي جائزي ۽ ڪارروائي لاءِ ڪم ڪري ان جي عالمي ليول مطابق اهم رولز ۽ ريگيوليشن تي ٻڌل پاليسي ساز لسٽ ٺاهيندا آهن ۽ لاڳاپيل ملڪن کي تنبيهه ڪندا آهن ته اهي رولز تي عمل ڪن ۽ ان لاءِ سخت قدم کڻن جيئن دنيا کي اهڙن مسئلن مان ڪڍيو وڃي.ايف اي ٽي ايف جو ڪم رڳو رولز ٺاهڻ ئي نه آهي پر اهو چيڪ به ڪندو آهي ته ڪو ملڪ ڄاڻايل قانونن ۽ ليول تي عمل به ڪري رهيو آهي يا نه ۽ اهڙا تفصيل گڏ ڪرڻ کانپوءِ رپورٽ ٺاهي سالياني گڏجاڻي ۾ پيش ڪري جواب گهري ويندا آهن ۽ رپورٽ ڪيل جوابن کانپوءِ دليلن، وضاحتن، ثبوتن جو ٻيهر 39 ملڪ جائزو وٺي فائنل ووٽنگ ڪندا آهن ته ڪهڙي ملڪ کي وائيٽ، گري، بليڪ لسٽ ۾ رکڻ گهرجي ۽ اهڙي لسٽ ۾ اچڻ بعد هي ادارو خاص ڪري فنڊ ڏيندڙ اهم ادارن آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين کي ٻڌائيندو آهي ته هي ملڪ قرض ڏيڻ يا سيڙپ ڪرڻ جي قابل آهي يا نه؟ ۽ اهو به باور ڪرائيندو آهي ته ڦلاڻو ملڪ گائيڊ لائين کي فالو نه پيو ڪري، ان ڪري توهان جو پئسو غلط هٿن ۾ وڃي پيو، ايف اي ٽي ايف طرفان پاڪستان کي 2008ع ۾ پهريون ڀيرو نان ڪوآپريٽو هاءِ رسڪن جي ملڪن جي گري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو، سال کانپوءِ پاڪستان ان مان لسٽ مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن بعد 2012ع ۾ ٻيهر پاڪستان گري لسٽ ٿيو ۽ اهو فيبروري 2015ع تي وري نڪري ويو ۽ ٽيون دفعو 2018ع ۾ پئرس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ دهشتگردن جي فنڊن جي الزام هيٺ گري لسٽ ۾ وڌو ويو هو ۽ پاڪستان کي لسٽ مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ 10 ترجيحن سان گڏ 27 نقاطي ايڪشن پلان ڏنو ويو هو، جن ۾ دهشتگردن جي مالي مدد نه ڪرڻ، انهن کي سکيا نه ڏيڻ، دهشتگرد تنظيمن جا اڳواڻ پڪڙي سزائون ڏيڻ پڻ شامل هو. انهن 27 مطالبن مان پاڪستان صرف 14 پورا ڪيا هئا، جڏهن ته 13 پورا نه ٿي سگهيا هئا، انهن مطالبن تي عمل لاءِ آڪٽوبر 2019ع تائين جي آخري مهلت ڏني وئي هئي، جنهن کانپوءِ ڪجهه ميمبرن ۽ پاڪستان جي اتحادي ملڪن جي سفارشن تي فيبروري ۽ پوءِ جون 2020ع تائين جو وقت ڏنو ويو هو، ايف اي ٽي ايف جي شرطن تي عمل جو مسئلو عالمي آهي ۽ جيڪڏهن ان تي عمل نه ڏٺو ويو ته ملڪ جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل ٿي سگهي ٿو، ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ ۾ هن وقت اتر ڪوريا  ۽ ايران شامل آهن. 2020ع ۾ پاڪستان 2000 دهشتگرد پڪڙڻ ۽ 50 کي سزائون ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر ايف اي ٽي ايف انهن دعوائن کي رد ڪندي وڌيڪ ڪاررواين جو مطالبو ڪيو هو. پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته ايف اي ٽي ايف جي ميمبرن ملڪن ۾ انڊيا به موجود آهي، جيڪو مسلسل لابي ڪندو آهي ته پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪيو وڃي ۽ انڊيا جي لابي جا ملڪ به صرف انڊيا جي چوڻ تي ئي پاڪستان مخالف ووٽ ڪندا آهن، پاڪستان لاءِ وري خوشي جي ڳالهه اها آهي ته انهن 39 ميمبر ملڪن ۾ چائنا معزز ميمبر طور شامل آهي، جيڪو وري پاڪستان لاءِ لابي ڪندو آهي ۽ ان کي گري لسٽ مان ٻاهر ڪڍرائڻ جون ڪوششون ڪندو آهي،  ايف اي ٽي ايف جو هلندڙ مهيني اجلاس ٿيندو ۽ گري لسٽ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ پاڪستان جي قدمن جو وري جائزو ورتو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو