ليکڪ: سيتارام باگڙي
سنگيت خدا تائين پهچڻ جي آسان راح آهي. جنهن سان ممڪن آهي، ڇو ته سنگيت ازل کان ئي امر ۽ لافاني آهي ۽ چوندا آهن ته سنگيت ۾ ماتا سرسوتي پاڻ براجمان هوندي آهي. جنهن ڪري گائڪي مقدس جو استان رکي ٿي. سنگيت انهي آبشار وانگي آهي. جيڪو گھاٽي پهاڙي علائقي ۾ به پنهنجي جاءِ ٺاهي هزارين اڃايلن جي اڃ کي ختم ڪرڻ صلاحيت رکي ٿو، سنگيت جي انهن امر آوازن مان ميران ٻائي به هڪ آهي. جنهن جو تعلق سکر شهر سان آهي. ميران ٻائي 13 مارچ. 1988ع ۾ مجاور باگڙي جي گهر جنم ورتو. ميران ٻائي 14 سالن جي عمر ۾ سنت سرمڻي سائين روشن لال کي پنهنجو مرشد بڻايو ۽ ۽ روحاني چاس ۾ رچجي وئي. اسان هندوئن ۾ گرو جو استان تمام اعليٰ مڃيو وڃي ٿو. ڇو ته سناتن ڌرم انوسار گرو ئي آهي جيڪو اسانکي مرتيو لوڪ کان آزاد ڪري چوراسي ڀوڳڻ کان مڪت ڪري جيئڻ مرڻ جي خساري کان هميشه لاءِ آزادي ڏياري ٿو. ان ڪري ميران پاڻ خاطر ناظر جندا رام ڌام پنوعاقل ۾ پنهنجي مرشد جي ڌام ۾ وڃي رهي، جتي هن سنت بابا روشن لال باگڙي کان نصابي ۽ ڌرمي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ گائڪي جي به سکيا ورتي، سائين روشن لال کان مختصر زبانن جي تعليم حاصل ڪيائين، جنهن ۾ گرمکي، هندي، سنسڪرت، سنڌي ۽ اردو شامل هيون، ميران ٻائي جي جيئن جيئن عمر وڌندي وئي تيئن تيئن سندس علم جي سگهه به وڌندي رهي، پاڻ به مرشد سان گڏجي مختلف شهرن ۾ ڌرمي ست سنگ ۾ سنگيت کي نروار ڪرڻ لڳي ۽ هن جي گائڪي مان گهڻا ماڻهو متاثر ٿيندا رهيا، ڇو ته ميران ٻائي بٺي ۾ تيار سر وانگر پچي راس ٿي وئي هئي، سندس آواز ۾ سندرتا ۽ مٺاس هجڻ سان گڏ ماڻهو کيس پسند ڪرڻ لڳا، هن جي شرڌا سمرن ويساس پڻ هن کي روحانيت جي ويجهو بڻايو، ميران ٻائي جڏهن بالغ ٿي ته سندس مائٽن شادي لاءِ گهڻو زور ڀريو پر پاڻ حقيقي عشق جي طلب ۾ مبتلا ٿي چڪي هئي ۽ هن لاءِ جڳ جون خوشيون ميلي مان ملندڙ رانديڪي وانگر هيون، ان ڪري هن مائٽن جي هڪ به نه ٻڌي ۽ شادي کان انڪار ڪندي چيائين ته مان ويواهه کان سنسياس براج ٿي وئي آهيان، منهنجون خواهشون ۽ ارمان مرشد جي صورت ۾ آهن، سندس ديدار ۾ آهن ۽ آئون پنهنجي حياتي ايشور کي ارپي کي چڪي آهيان، منهنجو هاڻي هن جڳ جهان سان ڪو به وقتي مفاد ناهي رهيو، ان کانپوءِ ميران ٻائي پاڙيسري ٻارن کي ڌام ۾ نصابي ۽ ڌرمي تعليم ڏيڻ جي رٿ ڪئي، هن گهر گهر تائين پنڌ ڪري پاڙي جي ماڻهن کي مطمئن ڪري ٻارن کي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي ۽ ڪيترن ئي ٻارن کي ڌرمي سکيا ڏنائين ۽ انهن ٻارڙن کي اهو احساس ڏنو ته انسان جو جيون ڪنهن نه ڪنهن مقصد لاءِ آهي ۽ پرماتما جي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي خواهش رهي هوندي ته اهو انسان خلقي ڌرتي موڪلي رهيو آهي، ميران ٻائي هاڻ ست سنگ ۾ پنهنجو مڌر آواز نروار پئي ڪندي آهي، پاڻ بلهي شاهه جي شاعري کي پنهنجي آواز جي سونهن ڏئي پاڻ ئي رقص ڪري جڏهن ڳائڻ شروع ڪندي آهي ته ائين لڳندو آهي ڄڻ هوءَ حقيقي مرشد کي رجهائڻ جي التجا ۾ مشغول آهي، ميران ٻائي جي هر ادا، ناز بابا سرمڻي بلي شاهه جي لفظن جي صورت ۾ هر ماڻهو کي متاثر ڪندو آهي، يا ائين چئجي ته ميران هن ڪلجڳ جي دور ۾ ماڻهو جو ڌيان روحاني عشق ۽ روحاني چاهت ڏانهن مائل ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، جيتوڻيڪ روحانيت ۽ مادي پرستي هڪ ڊگهو بحث آهي ۽ هن وقت عالمي سطح تي به اهو بحث هلي رهيو آهي ته ماڻهو جي اصليت فطرت ۽روحانيت طرف آهي، ان ڪري هاڻ ته يورپي به روحانيت طرف موٽڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، پر پنهنجو هتي مقصد ميران ٻائي کي ڀيٽا ۽ شرڌا ڏيڻ آهي. ان ڪري اسان جي دعا آهي ته ميران ٻائي باگڙي پنهنجي ڪرت ۾ ڪامياب وڃي ۽ مرشد کي پنهنجي شرڌا ڏيندي رهي.هونئن به ننڍي کنڊ ۾ راڳ ۽ ويراڳ ڄڻ ته هتان جي ماڻهن جي تهذيب ۾ شامل آهي ۽ وڏن وڏن صوفين راڳ ذريعي جيڪا تبليغ ڪري انسانيت جي خدمت ڪئي آهي، اها اڄ به جيئن جو تيئن هلندڙ آهي ۽ راڳ جي حوالي سان سنڌ جون ڪيتريون ئي درگاهون خانقاهون اڄ به مشهور آهن ۽ ميران باگڙي پڻ ان صوفياڻي واٽ جي پانڌياڻي آهي، سندس پنڌ شال ثاب پون.