ايڊيٽوريل
ڪشميرين جي خوداراديت واري حق ۽ ڀارت جي ناجائز قبضي خلاف پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪشميرين سان ٻڌي طور ڏهاڙو ملهايو ويو، ان حوالي سان پاڪستان جي هر شهر ۾ ڀارتي بربريت خلاف احتجاجي مظاهرا، ميڙاڪا، مذاڪرا، ڪانفرنسون ڪوٺائي ڪشميرين سان ٿيندڙ ڀارتي ظلم کي نه صرف وائکو ڪيو ويو آهي پر ڪشميرين کي اهو احساس پڻ ڏياريو ويو آهي ته اهي پنهنجي آزادي واري جنگ جي جدوجهد ۾ اڪيلا نه آهن ۽ پاڪستاني هڪ قوم جي حيثيت ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهن، پاڪستان اندر ڪشميرين سان ٻڌيءَ جو ڏهاڙو ڪيترن ئي سالن کان مسلسل ملهائجي رهيو آهي، جنهن جو مقصد ڪشميرين کي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد ڏيڻ سان گڏ دنيا آڏو هن خطي ۾ تڪرار جو مک ڪارڻ بڻيل ڪشمير مسئلي جي عزت ڀريي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ پڻ آهي، ڇو ته ڪشميري 1947ع کان وٺي ڀارتي ظلم، ڏاڍ ۽ بربريت کي مسلسل ڀوڳيندا ٿا اچن ۽ اهو عرصو هاڻ 73 سالن تائين جي هڪ ڊگهي سفر تائين وڃي پهتو آهي، ڪشميرين جي آزادي لاءِ گذريل ڏينهن پاڪستان ۾ جتي وڏا وڏا ميڙاڪا ٿيا اتي مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم طرفان مظفر آباد ۾ پڻ هڪ وڏو شاندار جلسو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پي ڊي ايم جي اهم اڳواڻن مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري، مريم نواز ۽ ٻين چٽن ۽ واضح لفطن ۾ ڀارت کي پيغام ڏنو آهي ته ڪشميرين تي ظلم کي برداشت نه ڪبو، جڏهن ته پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر آڇ ڪئي آهي ته ڪشميرين تي مڙهيل آرٽيڪل 370 جو خاتمو ڪري اتي موڪليل فوج واپس ڪئي وڃي ته پاڪستان ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر بدقسمتي سان ڀارت جي فاشسٽ حڪمران نريندر مودي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي سخت تنقيد باوجود پنهنجي هوڏ ۽ هٺ تي قائم آهي، ڀارت ڪشمير اندر سمورين انساني حقن سلب ڪندي جهڙي نموني وحشياڻيون ڪارروايون ڪري رهيو آهي ان سان هو ڏينهون ڏينهن دنيا اندر بي نقاب ٿي رهيو آهي ۽ ڪشميرين جو مسئلو عالمي سطح تي اڀري نروار ٿي بيهي رهيو آهي.
اسان سمجهون ٿا ته دنيا اندر ڪنهن به قوم کي لٺ، گولي ۽ داٻي سان گهڻو وقت غلام نٿو رکي سگهجي، اها اٽل حقيقت آهي ته ظلم سدائين بغاوت جو ٻج ڇٽيندو آهي ۽ ڀارتي ظلم جي ته انتها ٿي وئي آهي، حقيقت اها آهي ته ڀارت جي هوڏ سبب هڪ طرف 80 لک ڪشميري غلامن واري زندگي پيا گذارين ته ٻئي طرف اربين ماڻهن جي آبادي رکندڙ ايشيا کنڊ به سخت بيچيني ۽ جنگي ماحول ۾ تڳي رهيو آهي، ان حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته پاڪستان توڙي ڀارت ٻئي ائٽمي ملڪ آهن ۽ اڄ به ملڪ جي صدر عارف علوي آزاد ڪشمير اسيمبلي کي خطاب ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ائٽمي جنگ لڳي ته اها تمام گهڻي خطرناڪ هوندي، اسان سمجهون ٿا ته ڪشميرين ۽ فلسطينين سميت آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ هر مظلوم قوم جو آزادي بنيادي حق آهي ۽ ڪشمير کي اهو حق گڏيل قومن جي قراردادن پڻ ڏنو آهي، پر بدقسمتي سان عالمي ضمير ڪشمير جي معاملي تي مڪمل طور مجرماڻي خاموشي اختيار ڪئي آهي ۽ گڏيل قومون 73 سالن کان پنهنجي منظور ڪيل ٺهرائن تي عمل نه ڪرائي سگهيون آهن، جنهن سبب خطي جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي، ان ڪري اسان عالمي ضمير آڏو اهو سوال اٿارڻ ۾ حق تي آهيون ته نيٺ گڏيل قومون ڀارت آڏو ايتريون بيوس ڇو بڻيل آهن؟ اسان سمجهون ٿا ته هاڻ دنيا کي خاموشي ختم ڪري ڪشميرين کي مرضي سان جيئڻ جو حق ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي.