206

يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڪلچر ڄامشورو پاران ڪشميرين سان ايڪي جي اظهار طور ميراٿن ريس منعقد

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڪلچر ڄامشورو پاران ڪشميرين سان ايڪي جي اظهار طور  ڪشمير کان ڪراچي، هڪ زمين ۽ هڪ قوم جي عنوان سان ميراٿن ريس منعقد ڪئي وئي. ايس ايس پي ڄامشورو جي آفيس کان شروع ٿيل ميراٿن ريس ۾ يونيورسٽيءَ جي استادن، شاگردن توڙي شاگردياڻين وڏي انگ ۾ حصو ورتو. ميراٿن ريس ايس ايس پي ڄامشورو جي آفيس کان شروع ٿي، جيڪا 5 ڪلوميٽرن جي پنڌ کانپوءِ يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڪلچر وٽ پڄاڻيءَ تي پهتي. يونيورسٽي جي چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتاح دائودپوٽو ۽ وائيس چانسلر حاڪم علي ڪناصرو  ڪامياب شاگردن پهرين پوزيشن ماڻيندڙ ششيل ڪمار، ٻئين پوزيشن ماڻيندڙ سداهت ڪمار ۽ ٽئين پوزيشن ماڻيندڙ زبير سمون کي انعام پيش ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو