169

حڪومت سپريم ڪورٽ تي دٻاءَ وجهڻ جي ڪوشش ڪري پئي، اهي پي ڊي ايم جي سينيٽ چونڊ وڙهڻ واري اعلان سبب پريشان آهن، عمران کان هر گناهه جو حساب وٺنداسين: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت پي ڊي ايم جي سينيٽ چونڊ وڙهڻ واري اعلان سبب پريشان ٿي وئي آهي ۽ هاڻي ادارن کي تڪراري بڻائي عمران خان لاءِ ڌانڌلي ڪرائي پئي وڃي. پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته حڪومت پي ڊي ايم جي سينيٽ چونڊ وڙهڻ واري اعلان تي گهٻرائجي وئي آهي، اڄ خبر هلي رهي آهي ته حڪومت آرڊيننس ڪڍي اليڪشن لاءِ سيڪرٽ بيلٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ لڳي آهي، حڪومتي پريشاني سڀني جي سامهون آهي، عمران خان پوري ملڪ کي ٻڌائي رهيو آهي، کيس پنهنجي نمبرن تي اعتماد ۽ ڀروسو ناهي. بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت ڄاڻي واڻي سينيٽ چونڊن کان اڳ ادارن کي تڪراري بڻائي رهي آهي، جيڪڏهن انهن سجيده آئين ۾ ترميم جو فيصلو ڪيو هو ته ان لاءِ سنجيده ڪوشش ڪن ها ۽ سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺن ها، صحيح وقت تي فيصلو ڪيو وڃي ها ته قانونسازي ٿي وڃي ها، چونڊ سڌارن جو اسان به حصو بڻجڻ چاهيون ٿا، اليڪٽورل رفارمز ۾ اوپن بيلٽ کي شامل ڪري سگهجي پيو، حڪومت ان معاملي تي جمهوري طريقيڪار نه ورتو، آئين ۾ ترميم رڳو پارليامينٽ ڪري سگهي ٿي، پر اسيمبليءَ ۾ ڪنهن کي ان معاملي تي ڳالهه ڪرڻ نه ڏني وئي، سينيئر ميمبرن تي حملو ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ کي به تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، آرڊيننس ڪابينا کان پاس ڪرايو پيو وڃي، جڏهن ته معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، هاڻي حڪومت سپريم ڪورٽ تي دٻاءَ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. پ پ پ چيئرمين چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ ادارن کي تڪراري بڻائي عمران خان لاءِ ڌانڌلي ڪرائي پئي وڃي، 2018ع وارين چونڊن ۾ به ڌانڌلي ڪئي وئي پر هاڻي پي ٽي آءِ جي هر ڌانڌلي واري ڪوشش ناڪام ٿيندي. هن چيو ته هن ڀيري سينيٽ اليڪشن ۾ فرق نظر ايندو، تنهنڪري عمران سرڪار ٽپا ڏئي رهي آهي، آرڊيننس واري فيصلي سان عمران خان پنهنجي ميمبرن تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، کيس پنهنجن ئي ميمبرن تي اعتبار ناهي رهيو. هن چيو ته پي ڊي ايم هن وقت تائين صحيح ڪارڊ کيڏيا آهن، ٻيا آپشنز سينيٽ چونڊن کانپوءِ ظاهر ڪيا ويندا، عمران خان کي جمهوريت کي نقصان پهچائڻ سميت هر گناهه جو حساب ڏيڻو پوندو، اسان کيس ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو