رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ پوليس شراب ٺاهڻ وارن 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي. مبينا ٺڪاڻن وٽان هزارين ليٽر شراب هٿ پڻ ڪيو آهي. پوليس کي اطلاع مليو هو ته رياض واري علائقي الملز ۾ ڪجهه پرڏيهي شراب وڪري ۾ ملوث آهن، جوابدارن ۾ 3 ڀارتي ۽ 2 نيپالي شامل آهن. گروهه جي باري ۾ شڪ ظاهر ڪيو ويو هو ته انهن پنهنجي گهر ۾ شراب ٺاهڻ جي بٺي به لڳائي رکي آهي، جتان کان هو شراب تيار ڪري سپلاءِ ڪندا آهن. پوليس ٽيم ٺڪاڻن جي نگراني شروع ڪئي ۽ ان وقت گروهه جي ميمبر کي گرفتار ڪيو جيڪي اتي موجود هئا، جوابدارن جي ٺڪاڻي کان هڪ هزار ليٽر وارا 70 ڊرم هٿ ڪيا ويا، جنهن ۾ تيار ٿيل شراب موجود هو، جڏهن ته شراب سان ڀريل تيار شده 700 بوتلون به هٿ ڪيون ويون.
