جيڪب آباد (ن سوڀ) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد جيلاني ٽائون ڀرسان اڻڄاتل پيرسن عورتن جو لاش هٿ آيو آهي. لاوارث حالت ۾ پيل لاش ڏسي علائقي جا ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿي ويا، اطلاع تي حد جي پوليس پهچي وئي ۽ پيرسن عورت جي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال کڻائي آئي، جتي ڊاڪٽرن پاران پيرسن عورت جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيترائي ڪلاڪ عورت جو لاش سول اسپتال ۾ پيل رهيو پر عورت جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، جنهن کانپوءِ سندس لاش کي ايڌي وارن حوالي ڪيو ويو، جن عورت کي غسل ڏياري مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
186