147

487 ارب رپيا قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا، اهو غلط آهي ته پلي بارگين جي منظوري ڏيون ٿا: نيب

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) نيب جو چوڻ آهي ته اهو غلط آهي ته نيب پلي بارگين جي منظوري ڏئي ٿي. نيب پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار پلي بارگين واري درخواست ۾ پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪندو آهي، لٽيل رقم واپس ادا ڪندو آهي ۽ 10 سالن لاءِ اليڪشن وڙهڻ لاءِ نااهل ٿي ويندو آهي.  نيب جو چوڻ هو ته سڀني لاءِ احتساب واري پاليسي ذريعي وڏين مڇين کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 487 ارب رپيا قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو