153

ڪراچي ۾ ويڳي پيءُ سان رهندڙ 12 ورهين جي نينگريءَ جو ڦاهو لڳل لاش هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ويڳي پيءُ سان رهندڙ 12 ورهين جي نينگريءَ جو ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو آهي. پوليس مطابق نينگري جي ماءُ پيءُ ٻنهي ٻي شادي ڪري ڇڏي هئي ۽ نينگري پنهنجي امڙ ۽ ويڳي پيءُ سان گڏ رهندي هئي، شروعاتي طور تي نينگري جي جسم تي تشدد جا ڪجهه نشان نظر اچي رهيا آهن ۽ ٻارڙي کي ڪو ڌڪ به لڳل آهي، جيڪو معاملو پوسٽ مارٽم کانپوءِ واضح ٿي ويندو. ٻئي پاسي نينگري جي امڙ جو چوڻ آهي ته ٻارڙي مدرسي مان پڙهي واپس آئي ته ڪنهن کيس قتل ڪري ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو