ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ تي حددخلين خلاف آپريشن دوران سرڪار جي ڪم ۾ مداخلت، سرڪاري ملازمن تي حملي ۽ قتل جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جي خانداني فارم هائوسز خلاف حددخلين واري ڪارروائي جي ڳالهه ڪيس تائين وڃي پهتي آهي. ڪورنگي جي رهواسي جي فرياد تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ سميت 70 ڄڻن خلاف ميمڻ ڳوٺ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ امن کي ڇيهو رسائڻ، مالي نقصان پهچائڻ ۽ سرڪاري ملازمن تي حملي وارن قلمن سوڌو قتل جي ڪوشش، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ ڌمڪين وارا قلم به شامل ڪيا ويا آهن.
190