اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته سينيٽ چونڊن لاءِ اگهه مقرر ٿيڻ ۽ ٻولي لڳڻ شروع ٿي وئي آهي. نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ وفاقي وزير اسد عمر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻنهي پاسن جو خيال رکيو وڃي ته ويڪسين موجود به هجي ۽ وقت تي ماڻهن کي لڳي به، ويڪسين جا ڪجهه ناڪاري اثر به ٿي سگهن ٿا پر ويڪسين نه لڳائڻ جا جيڪي خطرا آهن اهي ويڪسين جي گهٽ ۾ گهٽ ناڪاري اثرن کان گهڻو وڌيڪ آهن. هن چيو ته سينيٽ چونڊن لاءِ ٻولي لڳڻ شروع ٿي وئي آهي، اسان مناسب سمجهو ته ان تي هڪ آرڊيننس آندو وڃي جيڪو قانون مطابق هجي. هن چيو ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي وڏن اڳواڻن پاڻ ۾ هڪ معاهدي ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون هيون، جنهن ۾ هنن چيو هو ته اسان شفاف طريقي سان شو آف هينڊز ذريعي چونڊ ڪرائينداسين، هاڻي خبر ناهي ته ڇو سندن اوچتو نيت تبديل ٿي وئي آهي، جهڙي ريت اسان گذريل تاريخون گذاريون هاڻي کين به گذارڻ گهرجن.
146