136

مهذب سماج جوڙڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل چائلڊ ليبر…

ليکڪ: طفيل مگسي

رب پاڪ جو فرمان آھي ته”مون سمورن انسانن کي آزاد حيثيت سان پيدا ڪيو آھي،اوهان ڪير ٿيندا آھيو انهن کي پنهنجو غلام بنائڻ وارا“ اهي حڪم ته رب پاڪ اسلام جي پيروڪارن جي معرفت موڪليا،پر اڄ جي موجوده حالتن تي اسان نظر وجهون ٿا ته پتو پوي ٿو ته غير مسلم ته انهيءَ حڪم تي عمل ڪن ٿا،پر اسان جي مسلمان انهن کي پٺي ڏئي ڇڏي آھي،جنهن جي ڪري ئي اڄ انهن وٽ سڀ ڪجهھ ھئڻ جي باوجود ٻين جا غلام بڻيل آھن،غلامي ڪنهن انسان جي ڳچيءَ ۾ ڪنهن نوڙ وجهڻ جو نالو ناھي،پر  ان جي مجبورين جو ناجائز فائدو وٺندي ان کي پنهنجي جتي جي هيٺان ڪرڻ کي چئبو آهي، دنيا چنڊ تي وڃي پهتي آھي،پر ان جي ڀيٽ ۾ اسان  اڄ به فرسوده ريتن رسمن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آھيون.هن ملڪ ۾معصوم ۽ نابالغ ٻارڙن کان جبري پورهيو وٺڻ جو ناسور پنهنجا پير کوڙي چڪو آھي، جنهن جي خاتمي جي لاءِ نه حڪومتي سطح تي ڪا سنجيده ڪوشش ڪئي وئي آھي ۽ نه ئي سماج جي مٿي ۾ ڪو سور آھي،ها جيتوڻيڪ ڏيکاءَ جي خاطر ڪجهھ ادارا ته قائم ڪيا ويا آھن.پر انهن جي ڪارڪردگي کي ڏسندي ائين لڳي ٿو ته اهي صرف ئي صرف ڪاغذن تائين محدود آھن ۽ عملي طور تي انهن جي ڪارڪردگي زيرو آھي.چائلڊ ليبر پروڊڪٽس ۽ ليبر ڊپارٽمينٽ جي نالي سان ادارته ڪم ڪري رهيا آھن.پر افسوس جي ڳالهھ اھا آھي ته انهن ادارن جي آفيسرن پاڻ پنهنجن گهرن ۾ معصوم ۽ نابالغ ٻارڙن کي ڪم تي لڳائي ڇڏيو آھي، اهڙا ماڻھو ٻارڙن کي ڪهڙو تحفظ ميسر ڪندا؟ چائلڊ ليبر ملڪ ۾ ان سبب کان به تمام گهڻي ترقي ڪري رهيو آھي.ڇوته اهو نهايت ئي نفعي وارو ڪاروبار آھي.بلڪ موجوده حالتن ۾ چائلڊ ليبر هڪ صنعت جو درجو اختيار ڪري چڪو آھي جنهن مان ڪافي ماڻھو فائدو وٺي رهيا آھن.ڪجهھ ماڻھو بحيثيت پنهنجين سهوليتن جي خاطر غريب ۽ لاچار ماڻھن کان انهن جي ننڍڙن ٻچڙن کي چند ٽڪن ۾ وٺي اڳتي ڳري نفعي ۾ مالدار ماڻھن جي گهرن ۾ نوڪر رکرائي ڇڏين ٿا.جتي انهن معصوم ٻارڙن جو ننڍپڻ ۽ انهن جي معصوماڻين خواهشن کي گهٽو ڏنو وڃي ٿو.پاڪستان ۾ چائلڊ ليبر سڀ کان گهٽ نفعي تي موجود آھي.هڪ ٻار جنهن جي وارثن کي شروع ۾ 10-20  هزار رپيا بحيثيت ايڊوانس ڏنا وڃن ٿا ته جيئن اهي ٻارڙن کي واپس نه وٺن ۽ ماهوار پگهار جي طور تي انهن کي محض پندرهن سو رپيا ڏنا وڃن ٿا.جڏھن ته انهن کان ڪم 20-20  ڪلاڪ  ورتو وڃي ٿو.جن ٻارڙن جا پنهنجي کيڏڻ ڪڏڻ جا ڏينهن هوندا آھن، اهي انهن وڏن ماڻھن جي گهرن جا ڪم ڪندي گذارين ٿا.جن جي هٿن ۾ ڪتاب هئڻ کپن انهن هٿن ۾ ٻھارا ڏٺا وڃن ٿا، مٿان وري هڪ ظالماڻو ۽ وحشياڻو قدم جيڪو انهن معصوم ٻارڙن تي کنيو وڃي ٿو،اهو آھي جنسي ۽ جسماني تشدد،معصوم ٻارڙن ۽ ٻارڙين کي اميرن جا بگڙيل اولاد جنسي تشدد جو شڪار بڻائين ٿا پر اهي ڪيس منظرعام تي نٿا اچن ڇوته انهن کي ڊيڄاريو ڌمڪايو وڃي ٿو،اهي ٻارڙا شڪايت ڪن به ته ڪنهن سان ڪن؟ انهن کي ته سندن گهر تائين ناهي ڇڏيو ويندو،اهڙا ٻارڙا وڏا ٿي ڏوھاري بڻجي وڃن ٿا،جيڪي اڳتي هلي پاڻ سان ٿيڻ وارين زيادتن جو معاشري کان بدلو وٺن ٿا،اهي امير ماڻھو جيڪي ٻارڙن کي ننڍڙي هوندي ته ملازم رکن ٿا،پر جيئن ئي بالغ ٿين ٿا ته انهن کي اهو چئي ملازمت مان نيڪالي ڏني وڃي ٿي ته اسان جي نياڻي وڏي ٿي چڪي آھي،هاڻي اسان ڇوڪري کي گهر ۾ نٿا رکي سگهون،جيڪو نهايت ئي وڏو ظلم آھي،ڪجهھ وقت اڳ ٻارڙن جي مزدوري جي باري ۾ اسلام آباد جي هاءِ ڪورٽ فيصلو پڻ ڏنو هو،يعني اهو به محدود حد تائين يعني صرف بٺن تي ڪم ڪرڻ وارن ٻارڙن کي تحفظ ڏنو وڃي باقي ڪورٽ سڳوري کان ٻيا مزدور ٻارڙا وسري ويا هئا، چائلڊ ليبر قانون جي مطابق ارڙھن سالن کان گھٽ عمر وارن کان پورهيو ڪرائڻ ڏوھه آھي،پر هن ملڪ ۾ ڪهڙن ڪهڙن ڏوھن تي ضابطو ٿيو آھي؟؟؟بقول سلطان باهو جي ته”انسان جي ڪاميابي انهي راز ۾ لڪل آھي ته هو پنهنجي ضمير کي سدائين زندهه رکي ۽ نفس کي دفنائي ڇڏي، ڇوته نفساني خواهشون ڪڏھن به ختم ناهن ٿينديون، جيڪو انسان انهن جي پورائي ۾ لڳي وڃي ٿواهو پنهنجي مقصد کان ھٽي وڃي ٿو“، چائلڊ ليبر هڪ اهڙو ناسور آھي.جيڪو اسان جي قوم جي رڳن ۾ ڪينسر جيان گهر ڪندو پيو وڃي، جيڪڏھن ان جو وقت تي علاج نه ڪيو ويو ته ان جا نتيجا نهايت ئي خطرناڪ ٿي سگهن ٿا، جڏھن معصوم ذھنن ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪيو ويندو آھي جنهن جي نتيجي ۾ معاشري ۾ بدامني پيدا ٿئي ٿي.بحيثيت قوم جي اسان جو فرض بڻجي ٿو ته اسان معصوم۽ گهٽ عمر وارن ٻارڙن کي گهرن ۾ ملازم نه رکون ۽ چائلڊ ليبر جهڙي لعنت کان سدائين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪريون، جيڪا ٻارڙن کي تحفظ ڏيڻ بدران  انهن جو نفعي بخش ڪاروبار ڪري ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو