ليکڪ: ”راز“علي گل ڀٽو
سيواڪاري خدمتن جو انساني خصلت سان ڄائي ڄم جو رشتو آھي، انھن خدمتن کي نوازيل ۽ محروم طبقن جي وچ ۾ڳانڍاپي جو وسيلو به سمجھيو ويندو آھي، سنڌ ۾سماجي خدمتن جون روايتون به اوائلي آھن، خدمت ھڪ جذبو ۽ ولولو آھي،جيڪو انسان کي فطرت پاران عطيو ٿيل آھي، مو جوده سنڌ طبعي طور ٽن حصن ۾ورھايل آھي،جن کي اتر، وچولو ۽ لاڙ چيو ويندو آھي، اسان جي سنڌ جو نوشھرو فيروز ضلعوبه وچولي يا ساھتي پرڳڻي جو اھم حصو سمجھيوويندو آھي، ھي ضلعو اھم تاريخي۽ جاگرافيائي ماڳن مڪانن تي دارو مدار رکندڙ وستين، واھڻن ۽ ڳوٺن جو مجموعو يا گلدستو آھي،سندس ان گلدستي جو ھڪ گل ”ڦل“ شھر به آھي، جتي بجليءَ کان سواءِ دنيا جي ھر سھوليت موجود آھي، ھن شھر کي سنڌ جي لوڪ راڳي مرحوم جلال چانڊيو جو شھر به سڏيندا آھن، ھن ننڍڙي ڳڻائتي شھر ۾ٻين سماجي تنظيمن سان گڏ سگا جي شاخ به گذريل 25 سالن کان سماج ۾تعليم۽ صحت جي کيتر ۾وس ۽ وت آھر خد متون سرانجام ڏئي رھي آھي، 24 فيبروري 1996ع ۾ شھر ۽ ڀرپاسي جي گريجوئيٽس محترم اڪرم ڦل، پروفيسر بخش علي چانڊيو،غلام مرتضي ڦل،محمد خالد ميمڻ ۽ رياض چانڊيو سگا جي شاخ قائم ڪري سگائي خدمت جي قافلي ۾شامل ٿي ويا،سندن تعليمي شعور کين سگا جي منشور موجب ان پاسي راغب ڪيو ته سنڌ جي محروم علائقن جي پٺتي پيل ماڻھن ۾بنيادي تعليم۽ صحت جون سھولتون ورھايون وڃن، 1996ع کان شروع ڪيل سگا ڦل شاخ جو سيواڪاري سفر اڃان تائين جيئن ٿڌ تيئن وڌ جي مثال جاري آھي، ھينئر محترم محمد خالد ميمڻ صدر،۽ محترم رياض چانڊيو جنرل سيڪريٽري طور ڪم ڪندي عوامي خدمتن ۾ رڌل آھن، سگا ڦل شاخ پنھنجي نچوڙ مان پروفيسر بخش علي چانڊيو کي بطور ڪو آرڊينيٽر ڊاڪٽر سليمان شيخ ريسرچ انسٽيٽيوٽ سگا مرڪز کي سونپيو آھي، جيڪو ڪافي ڀيرا شاخ جو صدر به رھي چڪو آھي،سگا ڦل شاخ پنھنجي ھڙان وڙان ۽ مخير ماڻھن جي سھڪار سان ھيل تائين ڪيتريون ئي عوامي ڀلائيءَ جون خدمتون سرانجام ڏنيون آھن،انھن خدمتن ۾، اکين، چمڙي، ڪاري ڪامڻ ۽ ٻين بيمارين جي علاج لاءِ مفت طبي ڪئمپون لڳايون ويون آھن، جن جو تعداد 30 کان مٿي آھي،انھن ڪئمپن مان ھزارين مريضن لاڀ حاصل ڪيو،مريضن کي مفت چڪاس، دوائون ۽ لينس ڏنا ويا ۽ سندن پرگھور لڌي وئي، مفت طبي ڪئمپن ۾به سگائي سيواڪارن جو وڏو سيواڪاري ڪردار رھيو آھي،جن جي سھڪار کان سواءِ طبي ڪئمپون لڳائڻ ناممڪن ھيون،ڊاڪٽرن ۽ سيواڪارن جي گڏيل تعاون مريضن جي سيوا کي آسان بڻايو،مختلف وقتن تي آيل قدرتي آفتن جن ۾ٻوڏ ،برساتن،طوفانن ۽زلزلن جي متاثرين جي مدد ۽ واھر ۾به سگا ڦل شاخ پاڻ ملھايو آھي،خاص طور تي اترين علائقن ۾آيل زلزلا،بدين ۾ آيل سامونڊي طوفان ۽ ٻوڏ ،ڪچي وارن علائقن ۾ايندڙ ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙن جي دوائن،کاڌ خوراڪ ۽ لٽي ڪپڙي جي شڪل ۾مدد ڪئي وئي،اھڙي مدد متاثرين کي وقتي طور وڏو آٿت ڏنو، مختلف وقتن تي عالمن اديبن،شاعرن،راڳين ۽ سماج سيوڪن سان رھاڻيون ڪرڻ ورسيون ملھائڻ ۽ سالگرھون ڪرڻ سگا ڦل شاخ جون اھم سرگرميون رھيون آھن، ان سان گڏوگڏ ڊاڪٽر منظور ميمڻ ۽ روٽري ڪلب نو شھرو فيروز جي سھڪار سان لڳاتار چمڙيءَ جي بيماريءَ جي علاج جون مفت طبي ڪئمپون لڳنديون رھن ٿيون، جنھن سان ھزارين مريض شفاياب ٿيا آھن،سگا ڦل شاخ پابنديءَ سان جمع ڪلينڪ،سگا ڪلينڪ قائم ڪيون آھن،جن ۾ ڊاڪٽر عزيزالله ميمڻ جو سھڪار قابل ذڪر آھي جيڪو تعاون سندس وفات تائين جاري رھيو، ٻئي پاسي سگا ڦل شاخ تعليمي کيتر۾به پاڻ ملھايو آھي،1997ع کان 1998ع تائين ٻھراڙين ۾ سگا مرڪز جي سھڪار سان چار وليج ڪميونٽي اسڪول قائم ڪيا ويا،انھن اسڪولن مان 200 نياڻين تعليم حاصل ڪئي،ان سان گڏوگڏ مختلف اسڪولن جي ٻارڙن وچ ۾ عام معلومات ۽ درسي چٽا ڀيٽي ڪرائي ،تعليمي ليڪچر۽ راندين جا مقابلا به ٿيندا رھيا آھن ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾باهه لڳڻ جا واقعا به ٿيندا رھندا آھن، جنھن ۾مسڪينن جو ڪافي مالي نقصان ٿيندو آھي، جنھن لاءِ مالي ۽کاڌ خوراڪ جي امداد ڪئي ويندي آھي، ان لاءِ درد وند مخيرن جو به سھڪار حاصل ھوندو آھي، جنھن عمل سان متاثرن جي ڪافي دلجوئي ٿيندي آھي،ان سلسلي۾ ھيل تائين متاثرين سان لکين رپين جو سھڪار ڪيو ويو آھي، تازو ڪورونا وبا جي متاثرين ۾ پڻ لکين رپين جي امداد ورهائي وئي، ثقافت جي سلسلي ۾ مرحوم علڻ فقير سان شام، ڊاڪٽر سالم مري سان شام، رٽائرڊ استادن جي مان ۾دعوتون،سگا سيوڪ مرحوم حيات ڦل جي ورسي، سگھڙ ڪچھريون، سنڌي ٻوليءَ جو ڏھاڙو ۽ ٻيا ڪيترائي سٽاءَ ڪيا ويا،ڏهه جنوري ٢٠٠٢ ع کان وٺي مسلسل ھيل تائين لوڪ راڳي مرحوم جلال چانڊيو جي ورسي ھر سال ملھائي ويندي آھي،لاڪ ڊائون تي ڪيل شاعريءَ متعلق پروفيسر بيوس بخش علي چانڊيو جو ڪتاب به ڇپرايو ويو آھي،انھيءَ سموري ڪارڪردگيءَ آڌار تي شاخ ۽ ان جي ڪارڪنن کي سگا مرڪز ۽ ٻين ادارن پاران ڪافي مڃتا سندون به ملي چڪيون آھن،سندون حاصل ڪندڙن ۾پوفيسر بخش علي چانڊيو، محمد خالد ميمڻ، مرتضيٰ ڦل،رياض چانڊيو،محمد اڪرم ڦل ۽ محمد سلطان ڦل شامل آھن،سگا ڦل شاخ جي خدمتن جو ھي سفر ڪاميابيءَ سان جاري آھي.