138

۽ هاڻ وري عربي ٻولي کي لازمي پڙهائڻ جو بل…!

ليکڪ: شوڪت علي جلباڻي

وطن جي آزادي وقت اردو کي قومي ٻولي طور مڃڻ جي پويان ڪهڙا به کڻي منطق ۽ جواز هئا، انهي جو ادراڪ ته شايد ڪڏهن تاريخ به نه ڪري سگهي، جنهن ننڍي کنڊکي ٻن قومن جي نظرين يا مذهبن جي بنياد تي يعني”مسلمان“ ۽ ”هندو“ طور سڃاڻپ ڪري ورهاست ڪئي وئي اتي هڪ رياست ته پنهنجي قومي ٻولي لاءِ هندي ٻولي چونڊيو ۽ پنهنجين رياست ۾ موجود ٻين علائقائي ٻولين کي سندن قومي ٻولي طور مڃتا ڏني وئي، اتي ٻي رياست 2 سيڪڙو هجرت ڪري ايندڙ اتر هندستان جي ماڻهن جي زبان کي پنهنجي قومي ٻولي جو درجو ڏنو،خبر ناهي ته مسلمان هجڻ جي سڃاڻپ اردو سان ڪئي پئي وئي يا مذهب سان، پر بهرحال گمنام تاريخ واري ٻولي جنهن جا پيرا هاڻي 12 صدي سان ڳنڍيا پيا وڃن تنهن کي هزارين صدين کان ڳالهائجندڙ ٻولين تي مڙهيو ويو. ان وقت مسلمانن جي اڪثريت بنگالين جي هئي 7.5 ڪروڙ جي آبادي مان 4 ڪروڙ تقريبن بنگالي هئا،تنهن باوجود بنگالي ، سنڌي ، پنجابي ، سرائيڪي ، براهوي ڳالهائيندڙن مٿان دهليءَ ۾جنم وٺندڙ ٻولي کي قومي ٻولي طور مڙهيو ويو.ڪيترائي ڀيرا تاريخ جي ڪتابن کان سوال ڪيو ته آخر اردوءَ کي ڪهڙن سببن جي ڪري اسان مٿان قومي ٻوليءَ طور مڙهيو ويو پر آئون هر ڀيري ئي لاجواب رهيس، شايد آل انڊيا مسلم جي خط و ڪتابت جي ڪري پر اها به اڪثر مختلف علائقائي زبانن ۾ ٿيندي هئي،پر شايد علي ڳڙهه جي ڪاليج ۾ جڏهن انگريزي سان گڏ اردو کي پڙهايو پئي ويو يا وري نوابن ۽ مغلن جي دورن کان متاثر ٿي ان وقت جي لڏپلاڻ ڪري ايندڙن کي پنهنجو ڪرڻ جي لاءِ انهن جي مادري زبان کي پنهنجو ڪيو ويو، پر انهن مان اڪثريت اردو ڳالهائيندڙن جي به نه هئي ! پوءِ آخر ڪهڙو سبب هو شايد ڪنهن وٽ جواب هجي پر اها به حقيقت آهي ته هجرت ڪري آيل زبان اسان جي پنهنجي زبان ٿي ويئي ۽ 73 سال گذرڻ جي باوجود هجرت ڪيل ماڻهون پاڻ کي لفظ مهاجر جي گهيري مان اڃان نه ڪڍي سگهيا آهن. اردو کي قومي سان گڏوگڏ انگريزي کي رياستي ڊي فيڪٽو زبان طور شامل ڪيو ويو ، 12 صدي ۾ وجود ۾ ايندڙ ٻولي هزارين سال پراڻي تهذيب جي ٻولي کي مات ڏيڻ ۾ ڪامياب رهي . 1947ع جا انگ اکر ته تاريخ ۾ واضع نموني نه ٿا ملن پر جڏهن 1951ع ۾ آدمشاري ڪئي وئي هئي تنهن موجب ملڪ ۾ اردو ڳالهائيندڙ اٽي ۾ لوڻ جي برابر هئا. ملڪ جي ادارن ۾ اردو ۽ انگريزي سان ڪاروهنوار هلايو وڃي ٿو، ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن سنڌي ٻولي کي سنڌ جي ماردي ٻولي جو درجو ڏياريو ته اردو ڳالهائيندڙ اديبن ۽ دانشورن تاريخي حقيقتن کان پاسيرو ٿي حسد ۾ اردو ڪا جنازا هي ذرا ڌوم سي نڪلي جي سري هيٺ احتجاج ۽ فساد ڪيا. 2017ع جي آدمشماري تڪراري آهي تنهن باوجود انهن انگن اکرن موجب ملڪ ۾8 ڪروڙ ماڻهون پنجابي ۽ 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهون سنڌي ڳالهائيندڙ آهن جنهن تي سنڌين کي اعتراض پڻ آهي ڇو ته سنڌ ۾ قبرستانن تي به نشان لڳائي قبرن جي آدمشماري ڪري ڪنهن مخصوص نسلي جماعت جي ماڻهن جي انگن اکرن ۾ هير ڦير ڪئي وئي تنهن باوجود1ڪروڙ 40 لک ماڻهن کي اردو ڳالهائيندڙن ۾ شمار ڪرائي سگهيا، هڪ غير ملڪي ويب سائيٽ جيڪاملڪن جي آدمشماري ۽ دنيا ۾ ڳالهائجندڙ ٻولين تي انگ اکر شايع ڪندي آهي تنهن جي آخري رپورٽ 2020ع ۾ شايع ٿي جنهن ۾ اردو ڳالهائيندڙ 10 سيڪڙو لکيا ويا آهن. ملڪ ۾ اڳ ئي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قومن کي انگريزي ۽ اردو جهڙين ٻولين کي پڙهڻو ۽ سمجهڻو ٿو پئي، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ اسان ڊگرين جا ته ڍير لڳائي ڇڏيا آهن ۽ روزگار جا ذريعا ڏينهون ڏينهن ختم ٿيندا پيا وڃن، سنڌ جي تعليم واري اڳوڻي وزير سيد سردار علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو هو ته ملڪي تعليمي نظام ۾ انگريزي ۾ تعليم ڏني ته وڃي ٿي پر 16 سال پڙهڻ جي باوجود اڪثر نوجوان انگريزي جا چار جملا به نه ٿا ڳالهائي سگهن، هي هڪ عام بيان ناهي، هي هڪ رياستي حڪمران جو حقيقت تي ٻڌل هڪ اقرار نامو آهي. انهي ڳنڀيرتا باوجود وري ملڪ جي سينيٽ ۾ هڪ ٻي ٻولي يعني عربي پڙهائڻ جو بل آندو ويو آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت موجب عربي پڙهڻ سان اسان پنهنجي دين جي ويجهو ٿي ان جون پيچيدگيون سمجهي سگهنداسين. دين کي سمجهڻ جي لاءِ دين جو فهم هجڻ لازمي آهي جيڪو عربي کي سکڻ ۽ ڳالهائڻ سان نه ٿو اچي سگهي، ان بابت اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضارباني سينيٽ ۾ تقرير ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ائين هجي ها ته عيسائي عرب جن جي اڪثريت پڻ عربن ۾ آهي سڀ مسلمان هجن ها ۽ هن سوال ڪيو ته ڇا سمورا عرب به عربيءَ ۾ ئي تعليم پرائي يا ڪارونهوار هلائي رهيا آهن مطلب ته هن سڌي طرح ملڪ ۾ عربي پڙهائڻ واري لازمي مضمون جي مخالفت ته نه ڪئي پر اعتراض ڪيو ته ملڪ ۾ وري ڪجهه عرب ملڪن کي راضي ڪرڻ جي لاءِ انهن جي ڪلچر کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ، عربي جو تعلق دين سان ڳنڍڻ سراسر غلط آهي. هئڻ ته ائين گهرجي ها ته دين سان گڏوگڏ دنيا جي علمن کي جديد تقاضائن موجب ترجمو ڪرائي رياست پنهنجي عوام کي سندن مادرين ٻولين ۾ انهن جي علمن کي پڙهڻ سمجهڻ ۽ عملي زندگي ۾ اختيار ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري ها پر رياست ٻين ٻولين کي مڙهڻ سان گڏوگڏ انهن جو ڪلچر مڙهڻ جا هر ممڪن قدم کڻندي رهي آهي، جيڪڏهن حڪومت عوام سان سچي آهي ۽ دين جي ڀلائي سان گڏوگڏ معاشري کي اسلام جي عين اصولن مطابق بنائڻ چاهي ٿي ته حڪومت وٽ پهريان کان موجود هڪ نظام آهي جنهن کي صرف حڪومت پنهنجي تحويل ۾ وٺي نه صرف عربي کي وڌائي سگهي ٿي پر دهشتگردي کي به ٻنجو ڏئي سگهي ٿي. مدرسن کي هڪ نظام هيٺ آڻڻ ۾ ڪو حرج ناهي جيڪڏهن نيت صاف هجي ته هر هڪ مدرسو رجسٽر به ٿي سگهي ٿو ۽ هر مدرسي جو انتظام حڪومت جي زير به ڪري سگهجي ٿو، مدرسن کي باقائده ديني مضمون پڙهائڻ لاءِ اسڪولن جيان داخلا رکي هڪجهڙو تعليمي نظام لاڳو ڪري سڀني کي روزگار سان لڳايون وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو