ايڊيٽوريل
پاڪستان اندر مهانگائيءَ ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، موجوده حڪومت دوران مهانگائيءَ جو شروع ٿيل سلسلو نه کٽندڙ ٿيندو پيو وڃي ۽ ان ۾ ڪٿي به بريڪ نه پئي لڳي سگهي، جنهن سبب غريب ۽ وچولو طبقو ته اڳ ئي پيڙهجي تباهه ٿي چڪو آهي پر هاڻ ته مهانگائي مٿئين طبقي کان به دانهون ڪڍرائي رهي آهي، ڇو ته ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي ۽ خطرناڪ حد تائين ڪرندڙ معيشت ماڻهن کان جيئڻ به کسي رهي آهي. وفاقي حڪومت جي اداري شماريات کاتي مهانگائيءَ بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته ملڪ اندر عام واهپي جي 31 شين جون قيمتون هڪ هفتي اندر وري چوٿون ڀيرو وڌي ويون آهن، جن ۾ گيهه، دال، مرچ ۽ ٻيون ضرورت جون شيون موجود آهن. هفتيوار انگن اکرن واري جاري ڪيل رپورٽ مطابق هڪ هفتي دوران ڳاڙهن مرچن جي 200 گرام واري پئڪيٽ جي قيمت ۾ ڳاٽي ٽوڙ 25 رپيا واڌ ٿي وئي آهي، ان جي نئين قيمت 335 رپيا 10 پئسن کان وڌي 360 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته مرغيءَ جي في ڪلو اگهه ۾ به 6 رپيا واڌ ٿي وئي آهي ۽ ان جي نئين قيمت 213 رپيا 15 پئسا في ڪلو ٿي وئي آهي. شماريات کاتي مطابق ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر هفتي اندر 36 رپيا مهانگو ٿيو آهي، جڏهن ته هڪ ڪلو گيهه جي قيمت ۾ 4 رپيا 13 پئسا واڌ ٿي آهي. دال چيني جي في ڪلو قيمت ۾ پوڻا 2 رپيا واڌ ٿي آهي، ان کانسواءِ ٿوم، دال مسور، ڳڙ، واشنگ سوپ، ٻارڻ وارين ڪاٺين ۽ وهنجڻ واري صابڻ جي قيمتن ۾ به واڌ ٿي آهي. انگن اکرن مطابق هفتي دوران 7 شين جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن ۾ ٽماٽا، بصر، پٽاٽا، انڊا، دال ماش، کنڊ ۽ اٽو شامل آهن. جڏهن ته کير، ڌوئنري ۽ پتي سميت 13 شين جون قيمتون ساڳيون رهيون آهن.
هي اهي انگ اکر آهن جيڪي سرڪار جي ئي کاتي جاري ڪيا آهن ۽ گذريل ٻن مهينن کان جيڪڏهن شماريات کاتي جي اهڙن انگن اکرن وارين رپورٽن جو جائزو وٺجي ته مهانگائي جي شرح ۾ ڏهوڻ تي واڌ نظر ايندي. جڏهن سڀ ڪجهه حڪومتي کاتا ئي ظاهر ڪري رهيا آهن پوءِ به حيرت جي ڳالهه آهي ته وفاقي وزير ۽ وزيراعظم الائي ڪهڙي طرح اِهو چون ٿا ته مهانگائي گهٽجي وئي آهي، جيڪڏهن زميني حقيقتن تي نظر وجهجي ته پاڪستان جي عوام جي حالت ڏڪار سٽيل ملڪن جهڙي ٿي وئي آهي ۽ پاڻيءَ ۾ ماني ٻوڙي کائيندڙ اڪثريتي عوام وٽ هاڻ پاڻي جي ڍڪ ۾ ٻوڙڻ لاءِ ڍوڍو به نه بچيو آهي، جيڪڏهن ان حوالي سان ڪا عالمي سروي ڪرائي وڃي ته هوند هِن ملڪ جي عوام جي حالت جي خبر به سامهون اچي وڃي ۽ هتي جي اڌ کان وڌيڪ آبادي کي دنيا امداد جو مستحق سمجهي. پر اسان جي حڪمرانن وٽ نيروءَ واري بانسري آهي، جنهن مان صرف هڪ ئي سر نڪري رهيو آهي ته اسان بهتر آهيون، پراڻا خراب هئا. هتي آڻين ۽ چاڙهين وارن ماڻهن جا پيٽ اچي پٺيءَ سان لڳا آهن ۽ اُهي سڄو ڏينهن جياپي جي ٻن گرهن لاءِ ڍورن وانگر لوڙين ٿا، رت ولوڙي جڏهن شام جو هٿ جي تريءَ تي 300 يا 400 رپيا وٺن ٿا ته وڌيڪ پريشان ٿي وڃن ٿا ته ان مان اٽو وٺون يا کنڊ، گيهه وٺون يا مرچ، کير وٺون يا دوا؟ اسان سمجهون ٿا ته هاڻ گهڻو ٿيو آهي، ان کان اڳ جو اِهي بکن جا پاهه ماڻهو پيٽ سان پٿر ٻڌي روڊن تي نڪري اچن ۽ حڪمرانن جو جيئڻ جنجال بڻائين، حڪمرانن کي انهن لاءِ سوچڻ گهرجي ۽ هاڻ اهڙيون پاليسيون به آنديون وڃن، جن سان غريبن جو جياپو ممڪن ٿي سگهي.