170

ڪوٽڙي ڀرسان پٽڙي ڪراس ڪندي نوجوان ريل هيٺيان اچي ڪٽجي فوت

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڪوٽڙي ويجهو پٽڙي ڪراس ڪندي نوجوان ريل هيٺيان اچي ڪٽجي فوت ٿي ويو آهي. مليل ڄاڻ مطابق سائيٽ ڪوٽڙي وٽ چانور گودام ڀرسان 30 ورهين جو نوجوان ڪراچي کان پنجاب ويندڙ عوامي ايڪسپريس ٽرين ھيٺيان اچي ڪٽجي فوت ٿي ويو. اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جنهن جي هن وقت تائين سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو