جنيوا (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي الزامن باوجود گڏيل قومن پنهنجي رپورٽ ۾ دهشتگردن خلاف پاڪستان جي ڪاررواين جو اعتراف ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪونسل جي 27هين رپورٽ ۾ اهم انڪشاف سامهون آيا آهن ۽ ڀارت جي الزام بازي باوجود دهشتگردن خلاف پاڪستان جي ڪاررواين جو اعتراف ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان دهشتگرد تنظيمن ۽ گروپن خلاف ڪارروائي لاءِ ثابت قدم رهيو آهي، دهشتگرد تنظيمن جي ڀارتي حمايت تي ڊي جي آءِ ايس پي آر ڊوزيئر پيش ڪيو، پاڪستان ٽي ٽي پي ۽ جي يو اي کي ڀارتي فنڊنگ تي گڏيل قومن کي ڊوزيئر اماڻيو، سلامتي ڪونسل جي پابندين بابت ڪميٽي ٻنهي دهشتگرد گروهن کي نامزد ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته 5 گروهه شهريار محسود، جماعت الاحرار، حزب الاحرار، امجد فاروقي گروپ ۽ عثمان سيف الله گروپ ٽي ٽي ٽي سان اتحاد جو اعلان ڪيو، گروپ بندي ٽي ٽي پي جي طاقت ۾ واڌ ڪئي ۽ حملن ۾ تيزي آئي، ٽي ٽي پي جي ويڙهه واري طاقت 2500 کان 6000 وچ ۾ آهي، ٽي ٽي پي الحاق سان پاڪستان ۽ خطي ۾ دهشتگردي وارن خطرن ۾ واڌ ٿي. گڏيل قومن جي رپورٽ مطابق جولاءِ ۽ آڪٽوبر 2020ع ۾ سرحد پار کان 100 کان وڌيڪ حملن لاءِ ٽي ٽي پي ذميوار هئي، پاڪستان ٽي ٽي پي طرفان دهشتگردي واري خطري کي مستقل طور تي اجاگر ڪيو، جڏهن ته آمريڪا افغانستان ۾ رهندڙ ٽي ٽي پي ۽ جي يو اي جي دهشتگردن کي پاڪستان لاءِ خطرو تسليم ڪيو. ڄاڻايل مانيٽرنگ رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردن جي مالي سهولتڪارن جي گرفتاري ۽ ادارن جا اثاثا منجمد ڪرڻ جي به نشاندهي ڪئي وئي.
172