185

شوبز ۾ اچڻ تي پيءُ ۽ ڀاءُ ڪيترن ئي سالن تائين نه ڳالهايو، انڊسٽري ۾ مطلبي ماڻهو گهڻا آهن: صدف ڪنول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪاره ۽ ماڊل صدف ڪنول جو چوڻ آهي ته هن جڏهن ماڊلنگ شروع ڪئي ته پيءُ ٻن سالن تائين نه ڳالهايو، جڏهن ته ڀاءُ به ڪيترائي سال ساڻس ناراض رهيو. هڪ انٽرويو ۾ صدف ڪنول جو چوڻ هو ته سندس تعلق بالاڪوٽ سان آهي پر تعليم ڪراچي مان حاصل ڪئي، ماڊلنگ شروع ڪئي ته پيءُ 2 سال ۽ ڀاءُ ڪيترائي سال نه ڳالهايو، پر امڙ مون کي پنهنجي مرضي تي ڇڏي ڏنو. هن چيو ته شوبز انڊسٽري ۾ مطلبي ماڻهو گهڻا آهن، هن ميدان ۾ دوست ته گهڻا آهن پر جيڪي غيرموجودگي ۾ اسان جي برائي نه ڪن اهو رڳو ڪٽنب ۾ ئي ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته اوهان انهن سان ڪهڙو به رويو رکو پر هو اسان جو خيال رکندا آهن. عورتن جي تعليم جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته هڪ عورت لاءِ تعليم تمام ضروري آهي، ڪڏهن ڪڏهن احساس ٿيندو آهي ته تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ شوبز ۾ اچان ها پر شايد نصيب ۾ اهو ئي لکيل هو، مان اهو ئي پيغام ڏينديس ته نياڻيون پهريان تعليم مڪمل ڪن پوءِ پنهنجي مرضي واري پيشي جو رخ ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو