156

لاڙڪاڻي مان گم ٿيل ٻن معصوم سئوٽن جا لاش پاڻيءَ جي تلاءَ مان هٿ

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ گذريل ڏھاڙي گم ٿيل 2 معصوم نينگرن جا لاش گندي پاڻي جي تلاءَ مان ھٿ آيا آهن، ٻارن جي پراسرار موت تي علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو آهي. حيدري ٿاڻي جي حد لھر ڪالوني مان 2 ورھين جو غلام بادشاھ پٽ حافظ علي شير جلباڻي ۽ 2 ورھين جو مشتاق پٽ حاجي چاڪر جلباڻي گذريل ڏينهن گم ٿي ويا ھئا. والدين جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن  3 وڳي ٻئي سئوٽ گھران نڪتا ته واپس نه آيا، جنهن جا لاش گھر ڀرسان پاڻي جي تلاءَ مان مليا آهن، ڪنهن سان دشمني ناهي ۽ نه ڪنهن ۾ شڪ آهي، واقعو سمجھه ۾ نٿو اچي. هوڏانهن پوليس ٻنهي ٻارن جا لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو