لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي جيلس بازار واسي 8 ورهين جو ٻارڙو محسن پٽ مختيار سولنگي لغڙ اڏائيندي گهر جي ڇت تان هيٺ ڪري سخت زخمي ٿي پيو آهي، جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو، جتي علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي ٻارڙو فوت ٿي ويو، جنهن جي لاش مٿان وارث اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا. ان موقعي تي فوتي ٻارڙي جي پيءُ مختيار سولنگي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو پٽ 3 ڪلاس جو شاگرد آهي، جيڪو اڄ گهر جي ڇت تي چڙهي لغڙ اڏائي رهيو هو، جتان هو هيٺ ڪري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. هوڏانهن ضروري ڪارروائي کانپوءِ فوتي ٻارڙي جو لاش وارث گهر ڏانهن کڻائي ويا، جتي لاش گهر پهچڻ تي سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا ۽ گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.
180