182

وڏا ڇڇر وٽ انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار وين ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي، ڪوٽڙي واسي 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي

سن (ن سوڀ) سن ڀرسان ڳوٺ وڏا ڇڇر وٽ انڊس هاءِ وي روڊ تي ميهڙ کان ڪوٽڙي ويندڙ تيز رفتار وين ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ورهين جو نينگر علي شناور پٽ محمد علي گورياڻي ۽ 40 ورهين جو امير علي چانڊيو ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن، جن کي ڳوٺاڻن سن اسپتال پهچايو آهي، ٻئي فوتي ڪوٽڙي جا رهواسين ٻڌايا پيا وڃن.  ڄامشورو_  سيوهڻ انڊس هاءِ وي روڊ جو ڪم بند هجڻ سبب هي روڊ وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ويو آهي، جڏهن ته موٽروي پوليس پاران هيوي ٽريفڪ بنا روٽ پرمٽ جي هلندڙ گاڏين جي رفتار  تي ڪنٽرول نه ڪرڻ جي ڪري اڄوڪي ڏينهن تي انڊس هاءِ روڊ تي 3 روڊ حادثا ٿيا آهن، جنهن ۾ 3 ڄڻا فوت  ۽ ست ڄڻا زخمي ٿيا آهن، وڏي وزير دوري دوران به هن روڊ جو ڪم بند هجڻ نوٽيس نه ورتو، جنهنڪري هن روڊ تي موت جو رقص جاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو