138

سينيٽ چونڊن بابت ريفرنس جو جيڪو به فيصلو آيو دل سان مڃينداسين: شاهه محمود قريشي

ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس جو جيڪو به عدالتي فيصلو ايندو اهو دل سان مڃينداسين. ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته سڄو پاڪستان ڄاڻي ٿو ته سينيٽ چونڊن ۾ وڪرو ۽ خريداري ٿيندي آهي، گذريل سينيٽ چونڊن ۾ به ميمبرن کي خريدڻ لاءِ منڊي لڳي، سينيٽ ۾ ميمبرن جي خريد ۽ وڪري واري منڊي کي بند ٿيڻ گهرجي، اسان سينيٽ چونڊن ۾ خريد ۽ وڪري واري عمل کي بند ڪرڻ چاهيون ٿا، پر بدقسمتي سان مخالف ڌر ائين نه پئي چاهي، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ماڻهن جي ضمير کي خريدڻ چاهي ٿي، مهانگائي قانونسازي سان گهٽ نه ٿيندي، مخالف ڌر ملڪ ۾ ڏڦيڙ نه پکيڙي ۽ قانون هٿ ۾ نه کڻي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو