اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 59 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 1037 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي هڪ هزار 37 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 59 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 55 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 30 سيڪڙو، پشاور 27 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، ملتان ۾ 32 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 24 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 24 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 32 هزار 149 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 136، پنجاب ۾ 11 هزار 809، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 859، اسلام آباد ۾ 4 هزار 283، بلوچستان ۾ 546، گلگت بلتستان ۾ 331، آزاد ڪشمير ۾ 185 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 11 هزار 502 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 265 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 31 هزار 983 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 55 هزار 511 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار 219، بلوچستان ۾ 18 هزار 869، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 916، اسلام آباد ۾ 41 هزار 994، خيبرپختونخواهه ۾ 68 هزار 531، پنجاب ۾ 1 لک 60 هزار 935 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 51 هزار 47 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 12 هزار 26 آهي جن مان سنڌ ۾ 4 هزار 119 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 31 مريض اسپتالن ۽ هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. پنجاب ۾ 4 هزار 900 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 17 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 3 مريض گهرن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 957 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 480 فوتگيون ٿيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسپتالن ۾ ان وائرس سبب 2 مريض فوت ٿيا. بلوچستان ۾ 196 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 102 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 272 فوتگيون ٿي چڪيون آهن هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 82 لک 24 هزار 869 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 253 مريض علاج هيٺ آهن.
154