192

فوج کي سياست ۾ نه گهليو وڃي، ڪنهن به قسم جا بيڪ ڊور رابطا نه پيا ٿين، اهڙيون افواهون بند ٿيڻ گهرجن، ڀارت دنيا ۾ وائکو ٿي چڪو آهي: ترجمان پاڪ فوج

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ آهي ته فوج کي سياست ۾ نه گهليو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به قسم جا ڪي به بيڪ ڊور رابطا نه پيا ٿين. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ آهي ته اسان جو ڪنهن به قسم جي سياست سان ڪوبه تعلق ناهي ۽ نه ئي ڪنهن سان بيڪ ڊور رابطا ٿي رهيا آهن، ان ڪري فوج کي سياست ۾ نه گهليو وڃي، ان قسم جون افواهون بند ٿيڻ گهرجن ۽ ڪنهن به جاچ کانسواءِ ان بابت ڳالهائڻ ڪنهن کي جُڳائي نٿو. ڊي جي آءِ ايس پي آر مطابق ڀارت پاڪستان جي ساک کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، گذريل پريس ڪانفرنس دوران تمام گهڻا ثبوت آڏو رکيا، ڀارت دنيا ۾ تمام گهڻي حد تائين وائکو ٿي چڪو آهي. ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ هو ته ڪوهه پيما علي سدپاره قوم جو هيرو آهي، جيڪو بدقسمتيءَ سان گذريل 72 ڪلاڪن کان گم آهي، جڏهن ته پاڪ فوج سرچ آپريشن ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي نه پئي آڻي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سڀني کي خبر آهي ته ڪورونا سبب سموري دنيا متاثر ٿي، پاڪستاني قوم به ڪورونا جو ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪيو، چين جي فوج پاڪستاني فوج کي ويڪسين جو عطيو ڏنو ۽ پاڪ فوج چيني فوج جو عطيو ڏنل ويڪسين هيلٿ ورڪرن کي ڏني، ڇاڪاڻ ته هيلٿ ورڪرن ئي ڪورونا سان مقابلي ۾ قوم جي ڀرپور مدد ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو