ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ پوليس جي رپورٽن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا آهن ته جي آءِ ٽيز جا سربراهه عدالت ۾ پيش نه ٿيا ته سندن پگهارون بند ڪيون وينديون. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر چيو ته حراستي مرڪزن بابت رپورٽن لاءِ لاڳاپيل ادارن کي خط لکيا آهن پر ڪوبه جواب نه آيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله پوليس رپورٽن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جو جي آءِ ٽيز ۽ پوليس جي ڪارڪردگي تان اعتماد کڄڻ لڳو آهي، ماڻهو سمجهن ٿا ته عدالتون رڳو تقريرون ڪنديون آهن، گم ٿيل ماڻهن واري معاملي تي پوليس جاچ ئي نٿي ڪري، پوليس جي ڪارڪردگي سبب گم ٿيل ماڻهن جا وارث پريشان آهن. عدالت چيو ته جي آءِ ٽيز جا سربراهه عدالت ۾ پيش نه ٿيا ته سندن پگهارون بند ڪيون وينديون. عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري کان گم ٿيل ماڻهن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
175