145

ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو ٻيهر عروج: اڻڄاتل هٿياربندن گوليون هڻي ٻن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو، وڏي وزير نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ٻيهر عروج تي پهچي وئي آهي، اڻڄاتل هٿياربندن گوليون هڻي ٻن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق ايف ٽي سي پل تي اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ٻي موٽرسائيڪل تي سوار ٻن ڀائرن سيد عابد حسين شاهه ۽ ساجد حسين شاهه کي گوليون هڻي فرار ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ هنن ٿڏي تي دم ڏنو، اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي مقتول ڀائرن جا لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا. پوليس مطابق مقتول ڪراچي جي محمود آباد ڪالوني جا رهواسي آهن، کين سيني ۾ گوليون لڳيون، واقعي بابت جاچ ڪري رهيا آهيون. ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايف ٽي سي پل تي فائرنگ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو