181

سينيٽ چونڊن بابت آرڊيننس جيڪڏهن مشروط نه هجي ها ته ڪالعدم قرار ڏيون ها: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ رمارڪس ڏنا آهن ته سينيٽ چونڊن بابت صدارتي آرڊيننس جيڪڏهن مشروط نه هجي ها ته ڪالعدم قرار ڏيون ها. رپورٽن مطابق سپريم ڪوٽ ۾ سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي دوران جي يو آءِ جي وڪيل ڪامران مرتضيٰ نقطو اٿاريندي موقف پيش ڪيو ته حڪومت اوپن بيلٽ لاءِ آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو ۽ عدالتي ڪارروائي جو ٿورو به احترام نه ڪيو، اڄ تائين اهڙي قانونسازي ناهي ٿي، حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پهرين پنهنجو فيصلو ڪري ورتو. چيف جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏنا ته آرڊيننس ته عدالتي راءِ سان مشروط آهي، حڪومت آرڊيننس افواهن کي سامهون رکي جاري ڪيو، خبر ناهي ته آرڊيننس ڪيئن جاري ٿيو، پر آرڊيننس ته جاري ٿي چڪو آهي، حڪومت کي آرڊيننس جاري ڪرڻ لاءِ ڪير به روڪي نٿو سگهي، عدالتي راءِ حڪومتي موقف کان مختلف ٿي ته ريفرنس ختم ٿي ويندو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته آرڊيننس جي حوالي سان ڏنل درخواست کي به ڪيس سان گڏ ٻڌنداسين. عدالت صدارتي آرڊيننس خلاف درخواست تي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ٻڌڻي دوران پيپلز پارٽي اڳواڻ رضا رباني آزاد حيثيت سان عدالت ۾ موقف پيش ڪيو ته آرڊيننس جاري ڪري عجيب ۽ غريب حالتون پيدا ڪيون ويون آهن، آرڊيننس ۾ اهو لکيل آهي ته هي ترت لاڳو هوندو ۽ جيڪڏهن عدالت جي راءِ حڪومت کان مختلف ٿئي ٿي ته پوءِ آرڊيننس جو ڇا ٿيندو؟ جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته آرڊيننس ۾ اهو به لکيل آهي ته عملدرآمد عدالتي راءِ سان مشروط آهي، آرڊيننس کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو، آرڊيننس جو عدالتي ڪارروائي تي ڪوبه فرق نه پوندو. عدالت صدارتي آرڊيننس تي 3/184 تحت نوٽيس جاري ڪرڻ جي اپيل رد ڪندي رمارڪس ڏنا ته آرڊيننس جيڪڏهن مشروط نه هجي ها ته ڪالعدم قرار ڏيون ها، آرڊيننس تحت به ووٽنگ ڳجهي ٿيندي، بعد ۾ درخواست ڏيڻ تي ووٽ ڏسي سگهجي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو