ليکڪ: سرور منير رائو
اجهي جو هجڻ انسان جو بنيادي حق آهي، پاڪستان جي آئين ۽ سياسي جماعتن جي چونڊ منشور ۾ به ان حق جو اظهار ڪيو ويو آهي، ترقي يافتا ملڪن جي عوام کي اهو حق حاصل ڪرڻ ۾ ڪا به ڏکيائي نه آهي، پر پاڪستان ۽ ٻين ترقي پذير ملڪن ۾ رهائشي سهولتن جي فراهمي هڪ خواب لڳي ٿو، پاڪستان ۾ وڌندڙ آبادي، بيروزگاري، مهانگائي ۽ گڊ گورننس جي کوٽ سبب گهر جو سرپرست پنهنجي سڄي زندگي جي ڪمائي اجهو حاصل ڪرڻ ۾ لڳائي ڇڏيندا آهن، آبادي جي اعتبار کان پاڪستان دنيا جو ستون وڏو ملڪ آهي، هر سال شهرن تي آبادي جو دٻاءَ وڌي رهيو آهي، 3 سال اڳ جي ڪيل شماريات موجب سڄي ملڪ ۾ گهرن جي تعداد 3 ڪروڙ 20 لک هئي، جن مان 64 سيڪڙو گهر ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هئا، جڏهن ته 36 سيڪڙو شهرن ۾ آهن، ملڪ ۾ گهرن جي فراهمي لاءِ حڪومتي ۽ نجي سطح تي ڪيترا ئي ادارا ۽ هائوسنگ سوسائٽيز قائم آهن. ملڪ جي غير مستحڪم سياسي نظام ۽ بدانتظامي سبب اڪثر سرڪاري ادارا مقرر وقت تي اهو هدف حاصل نه ڪري سگهندا آهن، ڪيترا ئي ڏهاڪا گذرڻ باوجود به ماڻهن جي اڪثريت اها سرڪاري رقم ادا ڪرڻ باوجود گهر حاصل نه ڪري سگهي آهي، نجي سوسائٽين جي اڪثريت فراڊ ۽ دوکن تحت عوام کان انهن جي سڄي زندگي جي ڪمائي ڦري گم ٿي ويندي آهي، سالن جا سال گذرڻ باوجود اهي غريب ماڻهو نه ته پنهنجا پئسا واپس ڪرائي سگهندا آهن ۽ نه ئي انهن کي گهر يا پلاٽ ملي سگهندا آهن، وفاقي حڪومت 1989ع ۾ هائوسنگ اينڊ ورڪس جي وزارت جي انتظام هيٺ ايمپلائيز هائوسنگ فائونڊيشن قائم ڪئي، ته جيئن سول ملازمن جي رٽائرمينٽ يا ان کان اڳ گهر جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي، اها فائونڊيشن گذريل 24 سالن دوران اسلام آباد، ڪراچي ۽ پشاور ۾ سرڪاري ملازمن کي پلاٽ، هاٽ اسپاٽ منٽ ۽ گهر فراهم ڪرڻ جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا. مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ مشرف جي حڪومتن به سرڪاري ملازمن ۽ عام ماڻهن کي گهرن جي فراهمي لاءِ ڪم ڪيو، پر عملي طور تي تمام گهٽ سرڪاري ملازمن کي رهائشي سهولتون حاصل ٿي سگهيون، هاڻ تحريڪ انصاف جي حڪومت اها دعويٰ ڪري رهي آهي ته اها تعميراتي صنعت کي انقلابي انداز ۾ ترقي ڏيڻ گهري ٿي، ان حوالي سان حڪومت هڪ مربوط تعميراتي پاليسي جو اعلان به ڪيو آهي.
سرڪاري ملازمن کي گهر فراهم ڪرڻ جي اعتبار کان موجوده حڪومت فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز فائونڊيشن کي هڪ سال اڳ اٿارٽي جو درجو ڏئي چڪي آهي، اهڙي طرح اهو ادارو گهڻي حد تائين هڪ خودمختيار حيثيت ۾ اڳ کان وڌيڪ آساني سان ڪم ڪري سگهي ٿو، ان اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل وسيم حيات باجوه گهڻو متحرڪ ۽ پرعزم شخصيت آهي، فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز جي ٻن لکن کان وڌيڪ رجسٽرڊ ميمبرن کي سڄي ملڪ ۾ مختلف علائقن ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ پراجيڪٽ تحت گهر فراهم ڪرڻ واري منصوبي تي ڪم جاري آهي، اسلام آباد جي سيڪٽر جي-13 ۽ جي-14 کانسواءِ باره ڪهو، گرين انڪيو، سٽي گارڊن، لائف ريزيڊنسي، ٿاليان، پارڪ روڊ تي گهرن ۽ اپارٽمينٽ جي تعمير سان گڏوگڏ ڪشمير ايوينيو، چڪلالا هائيٽس، انڊس وسٽا ۽ لاهور لائف ريزيڊنسي هائوسنگ اسڪيم وڏا پراجيڪٽ آهن جن کي جيڪڏهن بروقت تعمير ڪيو ويو ته سرڪاري ملازمن جي گهرن جي فراهمي جو خواب ڪنهن حد تائين پورو ٿي سگهي ٿو، ان منصوبي کانسواءِ وفاقي گادي واري هنڌ جي مختلف رهائشي علائقن ۾ ناجائز قبضا خورن کان سرڪاري ايراضي کي خالي ڪرائڻ ۾ به هائوسنگ اٿارٽيز گهڻي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ڪيترن ئي ڏهاڪن کان قبضا خورن کان زمين واپس وٺڻ انتهائي مشڪل ڪم هو، اسلام آباد جي گيٽ وي جي ان علائقن ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ترقياتي ڪم روڪيو ويٺا هئا، جيڪي هاڻ شروع ٿي چڪا آهن، ورلڊ بئنڪ مطابق پاڪستان ۾ 47 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو ڪچين آبادين ۾ رهن ٿا، جتي صحت ۽ شهري سهولتن جي کوٽ آهي، ورلڊ بئنڪ مطابق پاڪستان ۾ هن وقت هڪ ڪروڙ گهرن جي فوري ضرورت آهي ته جيئن عوام کي موسمي اثرن کان بچائڻ ۾ مدد ملي سگهي، ورلڊ بئنڪ جي ان رپورٽ جي پس منظر ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت عوام کي هڪ ڪروڙ گهرن جي فراهمي جو خوش ڪندڙ اعلان به ڪيو آهي، ڏسڻو اهو آهي ته ان ۾ هن کي ڪيتري حد تائين ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي، ٻهراڙي کان شهرن طرف آبادي جي منتقلي کي روڪڻ لاءِ ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن جي ويجهو سيٽلائيٽ ٽان بڻائڻ تي به عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن شهرن طرفان لڏپلاڻ واري عمل کي گهٽ ڪري سگهجي.