166

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي کي سنڌ سدائين ياد رکندي

ليکڪ: وحيد محسن

سنڌ جي عظيم ڏاهي، محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جو وڇوڙو سنڌ ۽ سنڌي ادب جو وڏو نقصان آهي، سندس خال ڊگهي عرصي تائين ڀرجي نه سگهندو، اهڙا ماڻهو صدين پڄاڻان پيدا ٿيندا آهن. هن سنڌي ادب، ٻولي ۽ لوڪ ادب لاءِ تاريخي ڪم ڪيو، سندس پورهيو سنڌي ادب جو قيمتي اثاثو آهي. هن جا لکيل ڪتاب تاريخ ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙ شاگردن لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندا.

وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي عبدالحق ڪئمپس سنڌي شعبو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي وڇوڙي کانپوءِ اڌورو ۽ اداس آهي، ان جا شاگرد سندس ياد ۾ ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن، ان جو وڇوڙو بلڪل اچانڪ ٿي ويو، ڪنهن کي به يقين ئي نه پئي آيو ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو اسان کان ائين ڪو جدا ٿي ويندو. سول اسپتال ڪراچي ۾ اسان ان جا دوست ۽ ان جا شاگرد پهچي وياسين سندس وني ڊاڪٽر عابده گهانگهرو ۽ ان جو پٽ پريشان حال هئا ۽ انهن سان گڏ اسان سڀئي پل پل جي ڏک واري ڪيفيت ۾ ڪارن ڪڪرن جي گهيري ۾ هئاسين.

هن هيڏي اجگر جهڙي شهر ۾ هرڪو پنهنجي ڪم ڪار ۾ مصروف هو پر اسان پنهنجي قدردان ۽ مهان دوست جي عيادت لاءِ اتي پهتا هئاسين ۽ اسان کي ملڻ جي اجازت به نه هئي اهو به وڏو الميو آهي ۽ اسان جو دوست نگهداشت واري وارڊ ۾ وينٽي ليٽر تي ساهه کڻي رهيو هو. اسان جون دعائون به قبول نه ٿيون ۽ اهو کل مک انسان پرديسي پکيئڙي وانگر ڀڙڪو کائي اڏري ويو. اسان سڀني ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي اهڙي الوداع تي پنهنجون اکيون اشڪبار ڪيون ۽ ڳوڙها ڳلن تان بوندن وانگي ڳڙي رهيا هئا ۽ جدائي جا جهير اسان جي من ۾ پئجي رهيا هئا، ڌرتي به پنهنجي پٽ جي جدائي تي روئي رهي هئي، هن جو ڌرتي سان، ٻولي سان ۽ انسانن سان ايڏو پيار هو پوءِ ڌرتي ان لاءِ ڇو نه روئيندي. منهنجو من ٻين دوستن جي موجودگيءَ ۾ هوندي به اڪيلائي جي ڪن ۾ غوتا کائي رهيو هو ۽ دل تيز ڌڙڪي رهي هئي.

منهنجو دوست منهنجو ڀاءُ اسان کي الوداع ڪري چڪو هو ۽ شام پنهنجا پر پکيڙي رهي هئي ۽ ڪراچي جا رستا ڌنڌلا نظر اچي رهيا هئا، مان ۽ مرتضيٰ لغاري روئي رهيا هئاسين، تنهن پل اسان جي ڀيڻ ڊاڪٽر عابده گهانگهرو حال کان بيحال ٿي سڪتي ۾ اچي وئي هئي. انسان به عجيب مخلوق آهي، ايڏا درد وڇوڙا سهي پوءِ به جيئڻ لاءِ جتن ڪندا رهن ٿا ۽ پنهنجن جون يادگيريون سنڀالي اکين مان ڳوڙها اگهي رب جي رضا سمجهي پنهنجي فطرت سان وري زندگي جو سفر گهارن ٿا ۽ اڄ اسان سان ڀيڻ ڊاڪٽر عابده گهانگهرو به سفر ۾ گڏ آهي ۽ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ڪميٽمينٽ تي هلندي ادب جي آڳنڌ تي هلڻ جا رستا ٺاهي ٿي ۽ اها ئي زندگي آهي.

حقيقت ۾ انسان هتي پل گهڙي جو مهمان آهي، اصل مقام ته ٻيو آهي، ان تي سوچڻ لاءِ هڪ عمر ڏني وڃي ٿي ۽ ان جي مهانتا ان کي هميشه زنده رهڻ جو ويراڳ ڏئي ٿي، جيئن ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي اسان کي پنهنجي لکڻين ذريعي ڏئي ويو آهي، ان ڪري هو اڄ به اسان جي دلين ۾ زنده آهي. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي وڇوڙي کي 40 ڏينهن گذري ويا آهن پر ائين ٿو لڳي ڄڻ هُو اڄ اسان کان وڇڙي ڏورانهين ڏيهه ويو آهي.

ادب جي دنيا ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي وڇوڙي جي سوڳ مان نڪري نه سگهي آهي، سالن تائين سندس وڇوڙي جا ڪڪر ڇانيل رهندا، نوجوانن کي گهرجي ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي زندگيءَ کي آئيڊيل بڻائي اڳتي وڌن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو