195

معاشري مان وڃائجي ويل ’احساس‘ ۽ اسان جو ڪردار

ليکڪ: مير ذوالفقار چانڊيو

انتھائي افسوس ۽ ڏک جي ڳالهه آهي ته جھڙي طرح سائنس ترقي ڪندي تيزيءَ سان اڳتي وڌي رھي آھي بلڪل اھڙي اسپيڊ سان اسان جي معاشري مان ”احساس“ جي موڪلاڻي ٿيندي پئي وڃي، جڏهن معاشري مان احساس موڪلائي وڃي ته نفرتون جنم وٺنديون آهن، جن نفرتن سان اھڙا واقعا رونما ٿيندا آهن جنھن جي ڏسڻ ٻڌڻ يا پڙهڻ سان لڱ ڪانڊرائجي ويندا آهن، يڪدم جسم ۾ ڏڪڻي لڳي ويندي آهي، مثال طور برادري جھيڙا، ڦرلٽ، چوريون، قتل وغارت، خودڪشي جھيڙا فساد وڌڻ شروع ٿي ويندا آهن، جنهن جي ڪري معاشري مان احساس سان گڏ محبتن جي موڪلاڻي ٿي ويندي آهي، جنهن جي ڪري ھر ھنڌ نفرتن جي بازار گرم لڳي پئي ھوندي آهي، احساس جي کوٽ سبب معاشري اندر پڻ اھڙا واقعا نروار ٿيندا آهن، جنهن جي ڪري ماڻهو ڪنڌ کڻي ھلڻ جھڙو نه رھندو آهي ۽ اسان جي ڪٺور دل معاشري ۾ پڻ اھڙا واقعا ڄڻ روز جو معمول بڻيل آهن، جنهن جا ڪافي مثال ڏئي سگھجن ٿا، سڳي يا ويڳي پيءُ جھڙي مقدس رشتي احساس جا سڀ ليڪا لتاڙي پنهنجي نياڻي کي ڪنهن به الزام ھيٺ قتل ڪرڻ يا نافرمان اولاد ملڪيت تي قبضو ڪرڻ، پسند جي شادي جي اجازت نه ڏيڻ تي پيرسن ماءَ پيءُ کي قتل ڪري ڇڏڻ، يا ڪٿي وري ائين به ٿيندو آهي ته ڀائر پنهنجي غيرت ڏيکارڻ لاءِ پنهنجي لاءِ ڇپر ڇانو بڻيل ڀينرن کي ڪارو ڪاري جو الزام ڏئي قتل ڪري ڇڏيندا آهن، يا وري احساس ڪمتري جو شڪار رھندڙ ھڪ ماءُ پيءُ جو اولاد ڀائر ملڪيت جي لالچ ۾ ھڪ ٻئي کي قتل ڪندا آهن، ھن دنيا ۾ عظيم رشتو جيجل امڙ جو ھوندو آهي، اھا به ويچاري پنهنجي ڏکن دردن کي سامهون رکندي احساس جي رشتي کي وساري پنهنجي گلن جھڙن معصون ٻارن کي ڪنهن درياهه يا واھه ۾ اڇلائي پاڻ به ٽپو ڏئي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيندي آھي، تازو ئي نوابشاھه ۾ ڦورو ھڪ مزدور کان 10 ڪلو اٽو ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو ماڻھن ۾ ايتري بک بدحالي آهي جنهن جي ڪري صرف اٽي جي ڦر ڪري ھليا ويا، احساس جي کوٽ سبب معاشري اندر جيڪي روزاني دل ڏکائيندڙ واقعا سامهون اچن ٿا انهن جا ڪافي مثال اسان جي سامهون آهن، پر لکڻ لاءِ اخبارن جا ڪي وڏا پيج کپن، ڪي ڏينهن کپن جنهن جي روشنيءَ ۾ ايترا واقعا مثال بيان ڪجن، ھونءَ به دنيا اندر 2 عظيم رشتا ھلن پيا ھڪ ته مٽي مائٽي، عزيز، رشتيدار ۽ ٻيو وري احساس جو رشتو، جيڪو ھڪ عظيم رشتو آهي، پر افسوس ته اسان پنهنجي ڪمن ڪارن ۾ ايترا ته مصروف ٿي ويا آھيون جو اسان مان احساس ختم ٿي ويو آهي، اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته احساس جو رشتو اسان جي دشمنن اسان جو دوست بڻائي ڇڏيندو آهي، احساس جي رشتي کان سواءِ انسان نامڪمل آھي، احساس جي رشتي کي سنڀالڻ ۽ ان جي پيروي ڪرڻ ھر ڪنهن جي وس ۾ نه ھوندو آهي، سو ان ڪري اسان سڀني کي ھڪٻئي جو احساس ڪرڻ گھرجي، جنهن سان معاشري اندر وڌندڙ نفرتن ۽ بدامني جھڙن ڏوھن ۽ غلط ڪمن کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي ۽ ان سان ئي اسان پنهنجن عزيزن ۽ دوستن سان ٻڌو ۽ ايڪو قائم ڪري سگهون، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسان مان احساس ختم ٿي ويندو ته اسان پنهنجي رشتن جي شناس ته وڃائي ويهنداسين پر اسان معاشري ۾ ڪو به بهتر ڪم سرانجام نه ڏئي سگهنداسين، ڇاڪاڻ ته اڪثر ڏٺو اهو ويندو آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص خود غرض ٿي ويندو آهي يا ان وٽ احساس نالي ڪا شيءِ ناهي هوندي ته ان بابت ان جي چوگرد رهندڙ ماڻهن جي وچ ۾ هڪ غير يقيني واري صورتحال پيدا ٿيندي آهي، ۽ هو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳندو آهي، زندگي جو مقصد ئي انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي ۽ رشتن کي گڏ کڻي هلڻ آهي، اسان معاشري ۾ پنهنجو پاڻ کي بهتر ثابت نه ڪري سگهنداسين ۽ نتيجو اهو نڪرندو ته جنهن سماج ۾ اسري رهيا آهيون، ان ۾ اسان اڪيلا بڻجي ويندا آهيون، ان ڪري اسان کي گهرجي ته انهن رشتن ۽ دوستي جو قدر ڪريون ۽ پاڻ ۾ احساس پيدا ڪري انسانيت جي خدمت ڪريون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو