132

سينيٽ چونڊن جو پڙاڏو ۽ سياسي جماعتن جي پوزيشن

ليکڪ: حاڪم نصيراڻي

پاڪستان جي سياست ۾ سينيٽ کي تمام وڏي اهميت حاصل آھي، ڇو جو قومي اسيمبلي کان پوءِ سينيٽ مان ڪنهن به قانون کي پاس ڪرائڻ ضروري هوندو آھي، اهوئي سبب آھي جو هر پارٽي جي اها ڪوشش هوندي آھي ته هر حربو استعمال ڪري سينيٽ ۾ پنهنجو اميدوار ڪامياب ڪرائجي، پي ڊيم ايم جي استعيفائن جو شور سينٽ اليڪشن جي تاڙين جي گونج ۾ دٻجي ويو، مخالف ڌر کي صاف نظر اچي پيو ته حڪمران پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف مارچ ۾ ٿيندڙ چونڊن کانپوءِ سينيٽ جي واحد وڏي جماعت بڻجڻ واري آهي، قومي اسيمبلي ۽ چارئي صوبائي قانون سازن اسيمبلين ۾ پارٽي پوزيشن جي بنيادن تي سينٽ جي سيٽن جو ڳاڻيٽو لڳايو ويندو آھي، هڪ محتاط اندازي مطابق جيڪو ايوان جي ميمبرن جي چونڊن لاءِ حلقو ٺاهيندو آهي ۽ پيچيده ووٽنگ سسٽم کي ذهن ۾ رکندي ظاهر ڪري ٿو ته جيڪڏهن سڀئي ايم پي ايز چونڊن دوران پارٽي پاليسي مطابق سختي سان ووٽ ڏين ٿا ته پوءِ حڪمران ۽ اپوزيشن اتحاد ٻنهي کي تقريبن برابر سيٽون حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو، جيئن ته 52 سينيٽر رٽائر ٿيڻ وارا آهن، 104 ميمبرن واري ايوان جو 50 سيڪڙو 11 مارچ تي پنهنجي ڇهن سالن جو مدو پورو ڪرڻ بعد گهر ويندو، خيبرپختونخواهه صوبي سان ضم ٿيڻ کان پوءِ هن وقت وفاق جي انتظامي قبائلي علائقن (فاٽا) جي چئن سيٽن لاءِ پولنگ ناهي ٿي.ان ڪري 48 سينيٽرن جي چونڊ ڪرڻ لاءِ پولنگ ٿيندي، ڪي پي ڪي، بلوچستان، پنجاب، سنڌ ۽ اسلام آباد مان سينيٽرن جي چونڊ ٿيندي، ان سان گڏوگڏ چئني صوبن، عورتن ۽ ٽيڪنوڪريٽس جي مخصوص سيٽن لاءِ چونڊ پڻ ڪئي ويندي.ان کان سواءِ ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي هر هڪ اقليتي سيٽ تي اليڪشن پڻ ڪئي  ويندي، جڏهن ته ايم پي ايز لاڳاپيل صوبن مان سينيٽر چونڊيندا ته قومي اسيمبلي جا ميمبر جنرل سيٽ تي سينيٽر کي چونڊيندا، حڪومت سينيٽ اليڪشن ۾ پئسي جي چمڪ جو اندازو لڳائي سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي ريفرنس داخل ڪري چڪي آھي ۽ آئين ۾ ترميمي بل پيش ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ۾ سينيٽ لاءِ کليل ووٽ حاصل ڪرڻ آھي، سپريم ڪورٽ اڃا تائين ريفرنس بابت فيصلو جاري نه ڪيو آهي، جڏهن ته اپوزيشن پارٽيون پهريان ئي اعلان ڪري چُڪيون آهن ته اهي هڪ اهڙي وقت ۾ حڪومت جي حمايت نه ڪنديون، جڏهن چونڊن ۾ فقط هڪ مهينو بچيو آھي، جيڪڏهن سڀئي اسيمبلي ميمبر پنهنجي پنهنجي پارٽين جي پاليسي مطابق ۽ پنهنجي ضمير جي مطابق ووٽ ڏين ٿا ته حڪمران پي ٽي آءِ کي توقع آھي ته حڪمران جماعت تحريڪ انصاف 21 سيٽون حاصل ڪندي، پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ بلوچستان عوامي پارٽي (بي اي پي)  جي حصي ۾ 6-6 سينيٽر ۽ پنج سينيٽر پاڪستان مسلم ليگ نواز جا ٿي سگهندا، جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پي ٽي آءِ سينيٽ جي واحد وڏي جماعت بڻجي ويندي، جنهن وٽ 28 سينيٽر ھوندا، ان کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي 19، مسلم ليگ ن 17 ۽ بي اي پي 13 سينيٽرن سان ترتيبوار وڏيون پارٽيون ليکيون وينديون، تنهن هوندي به پي ٽي آءِ جي سيٽن جو تعداد مختلف ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته حڪومتي پارٽي مختلف صوبن ۾ پنهنجي اتحادين سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ پڻ ڪري سگهي ٿي، خبرون آهن ته پي ٽي آءِ ق ليگ کي پنجاب مان هڪ يا ٻه اميدوار نامزد ڪرڻ لاءِ واعدو ڪري چڪي آھي، جيڪڏهن اهڙو معاهدو عمل ۾ اچي ٿو ته ق ليگ ڇهن سالن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سينيٽ ۾ نمائندگي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي،  پي ٽي آءِ کي توقع آهي ته ڪي پي ۾ اليڪشن ۾ مقابلو ٿيندو، جتي پارٽي گذريل 8 سالن کان حڪومت ڪري رهي آهي. صوبائي اسيمبلي ۾ پنهنجي اڪثريت سبب  پي ٽي آءِ کي 12 سيٽن مان 10 تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي اميد آهي. باقي ٻه سيٽون اپوزيشن پارٽين وٽ وڃي سگھن ٿيون ۽ جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ ف) ۽ عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) کي هڪ هڪ سيٽ حاصل ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن اهو ٿئي ٿو ته اي اين پي سينيٽ ۾ پنهنجي نمائندگي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي، ڇاڪاڻ ته سندن واحد  ميمبر ستارا اياز 11 مارچ تي رٽائر ٿيڻ واري آهي. پنجاب مان پي ٽي آءِ 6 سيٽون کٽيندي، سنڌ مان ٻه، بلوچستان مان هڪ ۽ اسلام آباد جون ٻئي سيٽون ملڻ جي توقع آهي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي سينيٽرن جي چونڊ صرف پنجاب مان ٿيندي ڏسڻ جي اميد آهي، پيپلز پارٽي کي به هن وقت سينيٽ مان نمائندگي رڳو سنڌ مان ملندي، جتي اها 2008ع کان حڪمران جماعت رهي آهي. شهري سنڌ جي بنياد تي متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) سنڌ اسيمبلي جي 21 ايم پي ايز جي ڪري آسانيءَ سان پنهنجا چار کان پنج سينيٽر چونڊرائي سگهي ٿي، ايم ڪيو ايم پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي سان جوڙ توڙ به ڪري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهي پارٽيون مرڪز ۾ حڪمران اتحاد جو حصو آهن، صوبي ۾ پيچيده ۽ گهڻ رُخي سياست سبب بلوچستان ۾ سينيٽ جي اليڪشن جي نتيجي جي اڳڪٿي ڪرڻ هميشه مشڪل هوندي آهي، هن ڀيري تصوير ڪجهھ صاف نظر اچي ٿي، بعپ جي پوزيشن تمام گهڻي واضح آهي، صوبي ۾ حڪمران پارٽي سينيٽ جون 6 سيٽون کٽي سگهي ٿي، باقي سيٽون جي يو آءِ (ف) ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل جي وچ ۾ ورهائي سگهجن ٿيون. اي اين پي وٽ ٻين قومپرست پارٽين جي سهڪار سان صوبي مان هڪ سيٽ حاصل ڪرڻ جو موقعو پڻ آهي، سينيٽر جي مدت 6 سال آهي پر مجموعي تعداد جو 50 سيڪڙو هر ٽن سالن کانپوءِ رٽائر ٿي وڃي ٿو ۽ نون سينيٽرن لاءِ چونڊون ٿين ٿيون. هر صوبي کي مختص ڪيل سيٽون ڀرڻ لاءِ چونڊون هڪ ئي منتقلي ووٽ جي وسيلي ”متناسب نمائندگي واري نظام“ مطابق ڪيون وينديون آهن. ان ڪري سينيٽ چونڊون هميشه چئن صوبن ۽ قومي اسيمبلي جي پارٽي پوزيشن تي ڀاڙينديون آهن.  سينيٽرن جي وقتي حالت ظاهر ڪري ٿي ته  مسلم ليگ (ن) کي سينيٽ ۾ سڀ کان وڏو خسارو ٿيندو، ھن جا 29 موجود سينيٽر آھن، جيڪي هن مارچ ۾ رٽائر ٿيڻ وارا آھن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو