ايڊيٽوريل
سينيٽ چونڊن جو شيڊيول جاري ٿيڻ کان اڳ ئي هلچل مچي وئي آهي. حڪومت ۽ اپوزيشن پنهنجي سرگرمين ۽ قدمن ۾ تيزي آڻي ڇڏي آهي. حڪومت جي ڪوشش آهي ته اپوزيشن کي سينيٽ جي محاذ تي بري شڪست ڏجي، جڏهن ته اپوزيشن جي اتحاد پي ڊي ايم گڏيل طور سندرو ٻڌي ورتو آهي ۽ سينيٽ ۾ گڏيل طور حڪومت ۽ ان جي اتحادين سان مقابلو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اپوزيشن اتحاد طرفان اسيمبلين مان استعيفائن واري اعلان ملڪ اندر مونجهاري واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي، جنهن بعد اِهو امڪان ظاهر ڪيو پئي ويو ته مخالف ڌر طرفان اسيمبلين مان استعيفائن جي صورت ۾ حڪومت ۽ ان جا اتحادي سينيٽ ۾ واضح اڪثريت حاصل ڪري اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ بڻجي ويندا، پر اپوزيشن اهڙي امڪان مٿان پاڻي ڦيري ڇڏيو. پيپلز پارٽي نيٺ اپوزيشن اتحاد کي سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، پ پ جو موقف هو ته سينيٽ جو محاذ خالي ڇڏڻ سان حڪومت آسانيءَ سان سادي اڪثريت حاصل ڪري سگهي ٿي ۽ سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ بعد 18هين ترميم ختم ڪرڻ سميت مختلف عوام دشمن فيصلا ڪري سگهي ٿي، جنهن بعد اپوزيشن توڙي عوام وٽ هٿ هڻڻ کانسواءِ ڪجهه به ڪونه بچندو، اِهو ئي سبب هو جو پ پ ۽ ان جي اتحادين سينيٽ جو محاذ خالي نه ڇڏڻ ۽ حڪومت کي فري هينڊ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. هِن وقت حڪومت ۽ اپوزيشن ان ڳالهه تي آمهون سامهون آهن ته سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائجن يا نه؟ حڪومت جو سڄو زور انهيءَ ڳالهه تي آهي ته سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرايون وڃن ۽ پارٽي سربراهه کي ووٽ چيڪ ڪرڻ جو اختيار حاصل هجي، اهڙي خواهش تحت حڪومت عدالت ۾ پڻ ڪيس رکيو آهي. ٻئي طرف اپوزيشن ان تجويز کي مڪمل طور رد ڪيو آهي، اپوزيشن حڪومت جي ان هٿڪنڊي کي سازش قرار ڏنو آهي. اپوزيشن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت اوپن بيلٽ ذريعي چونڊون ڪرائڻ لاءِ واقع سنجيده ۽ سچي آهي ته سينيٽ چيئرمين خلاف عدم اعتماد جي رٿ وقت ووٽنگ اوپن بيلٽ ذريعي ڇو نه ڪرائي وئي. هِن وقت حڪومت اِهو ان ڪري ٿي ڪري جو حڪومت کي پنهنجن ميمبرن تي ۽ پنهنجي نمبرن تي اعتماد ناهي رهيو ۽ سينيٽ چونڊن ۾ ڌانڌلي ذريعي ڪاميابي جي لاءِ سمورا چارا استعمال ڪري رهي آهي. اپوزيشن جي راضي نه ٿيڻ بعد حڪومت نوان رستا اختيار ڪري رهي آهي. حڪومت عدالت ۾ وڃڻ باوجود صدارتي آرڊيننس لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي اليڪشنز ترميمي آرڊيننس جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن کي وري عدالتي فيصلي سان مشروط ڪيو ويو آهي. حڪومت جي اهڙي آرڊيننس ۽ اهڙي شرط سان ڪيترائي سوال پيدا ٿي پيا آهن. پ پ طرفان پڻ اِهو سوال اٿاريو ويو آهي ته ڇا صدارتي آرڊيننس سپريم ڪورٽ مٿان دٻاءُ وجهڻ ۽ پنهنجي مرضيءَ جو فيصلو وٺڻ لاءِ آهي؟ جڏهن آئين ۾ آرڊيننس آڻڻ جو طريقيڪار واضح آهي ته پوءِ آخر حڪومت کي صدارتي آرڊيننس آڻڻ ۽ ان کي عدالت جي فيصلي سان مشروط ڪرڻ جي ضرورت ڇو پئي، يوٽرن جي حوالي سان مشهور پي ٽي آءِ سرڪار اڳ ۾ به جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس تي يوٽرن وٺي چڪي آهي، هاڻ ڏسجي ته اليڪشن آرڊيننس واپس وٺي ٿي يا نه؟ پر ان سان سينيٽ اليڪشن ۽ سپريم ڪورٽ تڪراري ضرور ٿيندا، جنهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.