181

پاڪ فوج ڪورونا ويڪسين جو عطيو قومي مهم لاءِ مختص ڪري ڇڏيو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) چين جي پيپلز لبريشن آرمي ۽ چيني عوام طرفان پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي لاءِ ويڪسين عطيو ڪئي وئي آهي. جيڪا چيني فوج طرفان سڄي دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ جي فوج کي ويڪسين جو پهريون عطيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج نيشن فرسٽ جي روايت کي برقرار رکندي چيني فوج طرفان عطيو ڪيل اها ويڪسين فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جي لاءِ قومي ويڪسين مهم لاءِ عطيو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب سڄي ملڪ ۾ فرنٽ لائين جو ڪم ڪندي قيمتي حياتيون بچائيندڙ طبي عملو اصل هيرو آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان پيپلز لبريشن آرمي ۽ چيني عوام طرفان ويڪسين عطيو ڪرڻ تي دل جي گهراين جو شڪريو ادا ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو