پورٽ او پرنس (ويب ڊيسڪ) هيٽي جي اختيارين صدر جووينيئل موئيزي خلاف بغاوت جي مبينا منصوبي ۾ ملوث هجڻ تي سپريم ڪورٽ جي جج سميت 23 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن بعد سڄي ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو آهي. برطانوي خابرو اداري موجب وزيراعظم جوزف جوٿ پنهنجي رهائشگاهه تي نيوزڪانفرنس دوران صدر کي اقتدار تان هٽائڻ جي مبينا منصوبي جي مذمت ڪندي چيو ته حراست ۾ ورتل 23 ماڻهن ۾ سينيئر پوليس اهلڪار به شامل آهي، جڏهن ته ان دوران رقم، گنز ۽ بارودي مواد پڻ قبضي ۾ ورتو ويو آهي. گرفتار ڪيل ماڻهو قومي محل جي سيڪيورٽي عملدارن سان رابطي ۾ هئا ۽ هنن نئين صدر جي مقرري لاءِ سهولت پڻ فراهم ڪئي.
