170

سعودي عرب ۾ ڪورونا وائرس بابت افواهه پکيڙڻ تي 10 لک ريال ڏنڊ ۽ هڪ سال قيد جي سزا مقرر

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي گهرو وزارت جي ترجمان طلال الشلهوب چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڪيترائي حفاظتي قدم کنيا ويا آهن. مقامي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق رياض ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نئين ڪورونا وائرس جي وبا سبب غلط ڄاڻ ۽ افواهه پکيڙڻ تي 10 لک ريال تائين ڏنڊ ۽ هڪ سال قيد جي سزا هوندي. الشلهوب چيو ته سيڪورٽي فورسز جي اهلڪارن جي ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪرڻ وارن تي گهري نظر رکيل آهي. تازو ايس او پيز جي خلاف ورزين جي شرح 72 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪو شخص به سوشل ميڊيا تي ڪورونا وائرس جي وبا بابت مغالطه آميز اطلاع پکيڙيندو ان جي مٽا سٽا ڪندو افواهون جاري رکندو ان سان سختي سان منهن ڏنو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو